حزقي ايل 19 - Sindhi Bible1 تنهن کانسواءِ تون اسرائيل جي سردارن لاءِ ماتم ڪر، 2 ۽ چئُہ تہ تنهنجي ماءُ ڪير هئي؟ هڪڙي شينهڻ هئي: اُها شينهن سان ليٽي، بلڪ جوان شينهن جي وچ ۾ رهي پنهنجن ٻچن کي پاليائين. 3 ۽ انهي پنهنجن ٻچن مان هڪڙو پالي وڏو ڪيو؛ اهو جوان شينهن ٿيو: ۽ شڪار پڪڙڻ سکيو ۽ ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو. 4 قومن بہ اُن جي بابت ٻڌو؛ ۽ هو انهن جي کڏ ۾ وڃي ڦاٿو ۽ انهن هن کي ڪُنڍا وجهي گهلي مصر جي ملڪ ۾ آندو. 5 هاڻي جڏهن شينهڻ ڏٺو تہ هوءَ گهڻو ئي ترسي پر سندس اُميد ويندي رهي؛ تڏهن هن پنهنجي ٻچن مان ٻيو کنيو ۽ انهي کي پالي جوان شينهن ڪيائين. 6 ۽ اُهو شينهن ۾ اچڻ وڃڻ لڳو، ۽ جوان شينهن ٿيو، ۽ شڪار پڪڙڻ سکيو، ۽ ماڻهو ڳڙڪائڻ لڳو. 7 ۽ انهن جي محلاتن جو واقف ٿيو ۽ انهن جا شهر سُڃا ڪري ڇڏيائين؛ ۽ زمين ۽ ان جي آبادي، هن جي گجگوڙ جي آواز ڪري ويران ٿي ويئي. 8 تڏهن قومون پرڳڻن کان چوڌاري مٿس ڪاهي آيون: ۽ هنن مٿس پنهنجو ڄار پکيڙي وڌو؛ ۽ هو انهن جي کڏ ۾ ڦاسي پيو. 9 پوءِ هنن ڪُنڍن سان انهي کي هڪڙي پڃري ۾ کڻي وڌو ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ وٺي آيس: هنن ڪوٽن ۾ آڻي وڌس تہ سندس آواز اسرائيل جي جبلن تي ٻڌڻ ۾ نہ اچي. 10 تنهنجي ماءُ تو وانگر انهي ڊاک جهڙي هئي جا پاڻي جي ڀرسان پوکي ويئي: هوءَ گهڻي پاڻيءَ ڪري ڦر واري ٿي ۽ ٽارين سان ڀرجي ويئي. 11 ۽ ان جون ڪاٺيون اهڙيون مضبوط ٿيون جو بادشاهن جي چوبن جي لائق ٿيون، ۽ انهي جو قد ڪڪرن تائين وڃي پهتو، ۽ گهڻين شاخن سميت اُهي وڏيون ڏسڻ ۾ آيون. 12 پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو. 13 ۽ هاڻي اُها بيابان ۾ هڪڙي خشڪ ۽ اُڃايل زمين ۾ پوکي ويئي آهي. 14 ۽ ان جي ٽارين جي ڪاٺيءَ مان باهہ نڪتي آهي، جنهن اُن جو ڦر ساڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري انهي ۾ اهڙي ڪا مضبوط ڪاٺي ڪانهي جا ڪنهن بادشاهہ جي چوب ٿئي. اهو هڪڙو مرثيو آهي، ۽ مرثيي جي بجاءِ رهندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society