حزقي ايل 18 - Sindhi Bible1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اوهين جو اسرائيل جي ملڪ بابت اهو پهاڪو ڪم ٿا آڻيو، ۽ چئو ٿا تہ پيءُ کٽي ڊاک کاڌي آهي ۽ ٻارن جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ 3 خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اسرائيل ۾ انهي پهاڪي ڪم آڻڻ جو اوهان کي وري موقعو نہ ملندو. 4 ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي. 5 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سچار هوندو ۽ اُهو ڪم ڪندو جو قاعدي موجب ۽ درست آهي، 6 ۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛ 7 ۽ هن ڪنهن سان برائي نہ ڪئي هوندي، پر قرضدار کي سندس شيءِ موٽائي ڏني هوندائين، ڪنهن کي زور زبردستي سان نہ ڦريو لٽيو هوندائين. ۽ پنهنجي ماني بکايلن کي کارائي هوندائين ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو هوندائين؛ 8 جنهن وياج تي پئسا نہ ڏنا هوندا؛ ۽ نہ وڌيڪ ڪي ورتو هوندو، جنهن پنهنجو هٿ بدڪاريءَ کان ڪڍي ورتو هوندو، ۽ ماڻهو ماڻهو جي وچ ۾ عدالت ڪئي هوندائين؛ 9 منهنجن قانونن تي هليو هوندو، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪئي هوندائين، ۽ سچائي جي هلت ڪئي هوندائين، اُهو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ سچار آهي ۽ جيئرو رهندو. 10 جيڪڏهن اُنهي کي ڪو پٽ ڄمندو جو چور هوندو يا خوني هوندو، ۽ جو انهن مان ڪو ڪم ڪندو هوندو؛ 11 جو انهن فرضن مان ڪوبہ ادا نہ ڪندو هوندو، پر جبلن تي کاڌو هوندائين، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، 12 مسڪينن ۽ محتاجن سان ظلم ڪيو هوندائين، زور زبردستيءَ سان ڦرمار ڪئي هوندائين؛ گروي رکيل شيءِ موٽائي نہ ڏني هوندائين، ۽ بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا هوندائين. 13 وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي. 14 هاڻي ڏسو، جيڪڏهن هن کي ڪو پٽ ڄمندو، جو پنهنجي پيءُ جا سڀ ڪيل گناهہ ڏسي ٿو، ۽ ڊڄي ٿو، ۽ اهڙا ڪم نٿو ڪري. 15 جنهن جبلن تي نہ کاڌو آهي، نڪي اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون اٿس، ۽ نہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو اٿس، 16 ۽ نہ ڪنهن سان برائي ڪئي اٿس، نڪي ڪجهہ گروي ورتو اٿس، نڪي زور زبردستيءَ سان ڦرلٽ ڪئي اٿس، پر پنهنجي ماني بکايلن کي ڏني اٿس، ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو اٿس. 17 جنهن غريبن کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ نہ وياج نہ ٻيو ڪجهہ ورتو اٿس، ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي اٿس، ۽ منهنجي قانونن تي هليو آهي؛ اُهو پنهنجي پيءُ جي گناهن ڪري نہ مرندو، اُهو يقيناً جيئرو رهندو. 18 باقي سندس پيءُ، سو بي رحميءَ سان ظلم ڪرڻ ڪري، پنهنجي ڀاءُ کي زور زبردستيءَ سان ڦرڻ ڪري، ۽ پنهنجي قوم ۾ جيڪي چڱو ناهي تنهن جي ڪرڻ ڪري، ڏسو، پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ضرور مرندو. 19 انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ڇالاءِ پٽ پيءُ جو گناهہ نٿو کڻي؟ جڏهن پٽ ڪو ڪم ڪيو آهي، جو قاعدي موجب درست آهي، ۽ منهنجن سڀني قاعدن جي سنڀال ڪئي اٿس، ۽ انهن جي تعميل ڪئي اٿس، تڏهن هو يقيناً جيئرو رهندو. 20 جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي. 21 پر جيڪڏهن ڪو شرير پنهنجن سڀني ڪيل گناهن کان باز ايندو، ۽ منهنجا سڀ قانون سنڀاليندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو، سو ضرور جيئرو رهندو، ۽ مرندو ڪين. 22 جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ هن جي برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: جيڪا سچائي هن ڪئي آهي، انهي جي ڪري هو جيئرو رهندو. 23 خداوند خدا ٿو فرمائي تہ شرير جي مرڻ ڪري ڪا مون کي خوشي ٿئي ٿي ڇا؟ بلڪ منهنجي خوشي انهي ۾ ڪونهي ڇا تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي؟ 24 پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو. 25 انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا هاڻي ٻڌو: منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟ 26 جيڪڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو، ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ انهي ڪري مري ٿو؛ تڏهن جيڪو گناهہ هن ڪيو آهي، انهي جي ڪري هو مرندو. 27 وري جڏهن ڪو شرير ماڻهو پنهنجي ڪيل شرارت کان ڦري ٿو ۽ جيڪي قاعدي موجب درست آهي سو ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي جان کي جيئرو رکندو. 28 ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين. 29 انهي هوندي بہ اسرائيل جو گهراڻو چوي ٿو تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟ 30 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي راهہ جي موجب سندس عدالت ڪندس. اوهين موٽو ۽ پنهنجي سڀني گناهن کان توبهہ ڪريو؛ انهي طرح گناهہ اوهان جي ناس ٿيڻ جو سبب نہ ٿيندو. 31 جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟ 32 خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيڪو مري ٿو تنهن جي مرڻ ڪري مون کي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي: تنهنڪري اوهين ڦرو ۽ جيئرا رهو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society