حزقي ايل 16 - Sindhi Bible1 وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، يروشلم کي سندس نفرت جهڙن ڪمن جي خبر ڏي، 3 ۽ چئُہ تہ خداوند خدا، يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعانين جي زمين ۾ آهي: تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي. 4 ۽ تنهنجي ڄمڻ جو احوال هي آهي: تہ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن تنهنجو ناڙو نہ وڍيو ويو، ۽ نہ توکي پاڻي ۾ غسل ڏيئي صاف ڪيائون؛ توکي اصل لوڻ نہ لاتائون، ۽ نہ توکي تنجڻ ۾ ويڙهيائون. 5 ڪنهن جي بہ اک کي ايترو قياس نہ پيو تہ انهن ڪمن مان ڪو ڪم ڪري، ۽ توتي رحم ڪري، پر جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ انهي ڏينهن تنهنجو جسم اهڙو نفرت جهڙو هو جو کليل ميدان ۾ توکي اُڇلائي ڇڏيائون. 6 ۽ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگهيس، ۽ توکي رت ۾ ليٽندو ڏٺم، تڏهن توکي چيم، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ؛ هائو مون توکي چيو، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ. 7 مون توکي جهنگ جي مُکڙيءَ وانگر وڌايو، ۽ تون وڌئينءَ ۽ وڏي ٿئينءَ، ۽ تون نهايت سهڻي ٿئينءَ؛ تنهنجون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجا وار وڏا ٿيا؛ تہ بہ تون اُگهاڙي ۽ ننگي هئينءَ. 8 هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ. 9 پوءِ مون توکي پاڻي سان ڌوتو؛ هائو، مون چڱي طرح تنهنجو رت توتان ڌوئي ڇڏيو، ۽ توکي تيل مکيم. 10 مون توکي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا، ۽ ملار مڇيءَ جي کل جي جُتي بہ پارائي، ۽ عمدي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي چيلهہ سان ٻڌم، ۽ ريشم جي چادر توکي ڍڪايم. 11 ۽ مون توکي زيورن سان بہ سينگاريو، ۽ تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ، ۽ تنهنجي ڳچيءَ ۾ زنجير وڌم. 12 ۽ تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم، ۽ تنهنجن ڪَنن ۾ پنڙا وڌم، ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو ڇٽ رکيم. 13 انهي طرح تون سون ۽ روپي سان سينگاري وئينءَ؛ ۽ تنهنجي پوشاڪ عمدي ڪپڙي، ۽ ريشم، ۽ ڀرت جي ڪم جي هئي؛ تو ميدو ۽ ماکي ۽ تيل کاڌو: ۽ تون ڏاڍي خوبصورت هئينءَ ۽ تنهنجو اهڙو اقبال ٿيو جو بادشاهي درجي کي وڃي رسينءَ. 14 ۽ تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي شان جي ڪري، جو مون توکي بخشيو هو، اُهو حسن ڪامل هو. 15 پر تو پنهنجي حسن تي ڀروسو رکيو، ۽ پنهنجي ناموس جي ڪري زناڪار ٿئينءَ، ۽ جيڪو لنگهيو ٿي تنهن سان تو زنا ٿي ڪئي: اُهو حسن انهي جو ٿي ٿيو. 16 ۽ پنهنجن ڪپڙن مان ڪي ڪڍي تو پنهنجي لاءِ مٿانهان مڪان جوڙيا، ۽ انهن کي جدا جدا رنگن سان سينگاري انهن تي بہ زنا ڪئي: اهڙيون ڳالهيون نہ وري اينديون ۽ نہ وري ائين ٿيندو. 17 تو منهنجي ڏنل سون ۽ روپي مان پنهنجا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ ماڻهن جا بُت جوڙيا ۽ انهن سان زنا ڪئي. 18 تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا کنيا ۽ هنن کي ڍڪايا، ۽ منهنجو تيل ۽ منهنجو لوبان هنن جي اڳيان رکيو. 19 ۽ جيڪا ماني مون توکي ڏني هئي، يعني ميدو ۽ تيل ۽ ماکي جا مون توکي کارائي، سا بہ، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تو خوشبوءِ لاءِ هنن جي اڳيان رکي. 20 تنهن کانسواءِ تو پنهنجا پٽ ۽ پنهنجون ڌيئون، جي مون تو مان ڄڻيون هيون، سي کڻي تو هنن تي قربان ڪيون تہ اُهي کاڄي وڃن. تنهنجون زناڪاريون ڪي گهٽ آهن ڇا؟ 21 جو تو منهنجا ٻار ڪُٺا آهن، ۽ هنن جي لاءِ باهہ مان لنگهائي انهن کي ڏيئي ڇڏيا اٿيئي؟ 22 ۽ پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ زناڪارين ۾ تو پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، جڏهن تون ننگي ۽ اُگهاڙي هئينءَ ۽ پنهنجي رت ۾ پي ليٽينءَ. 23 ۽ هيئن ٿيو آهي تہ تو پنهنجي ڪل شرارت کانپوءِ (خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل، ويل هجي توتي!) 24 تو پنهنجي لاءِ گنبذ ٺاهيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ هڪڙو عاليشان مڪان ٺاهيو اٿيئي. 25 رستي جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي تو پنهنجو مٿانهون مڪان ٺاهيو آهي، ۽ پنهنجي سونهن نفرت جهڙي ڪئي اٿيئي، ۽ جيڪو ٿي لنگهيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ پنهنجي زناڪاري وڌيڪ ٿي ڪئي. 26 تو مصر سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، جي تنهنجا پاڙيسري ۽ وڏا قداور آهن؛ ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ تو پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي. 27 تنهنڪري ڏس، مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ تنهنجو رواجي کاڌو گهٽائي ڇڏيو اٿم، ۽ فلستين جون ڌيئرون جي تنهنجي بي حيائيءَ جي هلت ڪري شرمنديون ٿيون آهن، ۽ جي توکي ڌڪارين ٿيون، تن جي مرضيءَ تي توکي ڇڏي ڏنو اٿم. 28 تو اسورين سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، ڇالاءِ جو توکي ڍؤ ئي نٿي ٿيو؛ هائو، تو هنن سان زناڪاري ڪئي آهي تہ بہ توکي اڃا ڍؤ نہ ٿيو آهي. 29 تنهن کانسواءِ تو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڪسديہ تائين پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي؛ تڏهن بہ توکي انهن مان ڍؤ ڪين ٿيو. 30 خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل ڪهڙي نہ ضعيف آهي، ڇالاءِ جو تون اهي سڀ ڪم ڪرين ٿي جي هڪڙي حڪماڻي ڪڃري جا ڪم آهن. 31 جو تون سڀ ڪنهن رستي جي ڪُنڊ تي مٿانهين جاءِ ٿي جوڙين، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ پنهنجو عاليشان مڪان ٿي ٺاهين؛ پر ڪڃريءَ جهڙي نہ ٿي رهي آهين، ڇالاءِ پئسا وٺڻ تي کلين ٿي. 32 زناڪار زال! جا پنهنجي مڙس جي بدران ڌارين کي ٿي وٺي! 33 ماڻهو سڀني ڪڃرين کي بخششون ٿا ڏين، پر تون پنهنجن سڀني سينڌن کي پنهنجون بخششون ٿي ڏين، ۽ هنن کي لالچائين ٿي تہ هو سڀ ڪنهن پاسي کان تو وٽ اچي توسان زنا ڪن. 34 ۽ زناڪاريءَ جي ڪمن ۾ ٻين زالن کان تو ۾ اهو فرق آهي، تہ زنا ڪرڻ جي لاءِ ڪوبہ پاڻهي تنهنجي پٺيان لڳي نٿو اچي: ۽ تون خرچي ٿي ڏين ۽ توکي خرچي ڏني نٿي وڃي، تنهنڪري تون ٻئي قسم جي آهين. 35 انهي ڪري اي ڪڃري، خداوند جو ڪلام ٻڌ: 36 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجن سينڌن سان زنا ڪرڻ ڪري تنهنجي گندگي وهي نڪتي ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ٿي پيئي؛ انهي ڪري، ۽ تنهنجن نفرت جهڙن سڀني بُتن جي ڪري، ۽ جي پنهنجا ٻار تو هنن کي ڏيئي ڇڏيا تن جي خون جي ڪري، 37 ڏس آءٌ تنهنجا اُهي سڀ سينڌ گڏ ڪندس، جن سان تو مزا پئي ماڻيا آهن، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي، ۽ اُهي سڀ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي؛ انهن کي هر طرف کان آءٌ تنهنجي برخلاف گڏ ڪندس، ۽ هنن جي اڳيان تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس، تہ ڀلي اُهي تنهنجي اوگهڙ ڏسن. 38 ۽ آءٌ توتي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس جهڙي انهن زالن تي ڪبي آهي جي شاديءَ جو حق ڀڃنديون آهن؛ ۽ آءٌ ڪاوڙ ۽ ريس جو خون تنهنجي سر تي آڻيندس. 39 آءٌ توکي هنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هو تنهنجي مٿانهين جاءِ ڪيرائي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا عاليشان مڪان ڀڃي ڇڏيندا؛ ۽ هو تنهنجا ڪپڙا لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي ويندا: ۽ توکي اگهاڙو ننگو ڇڏي هليا ويندا. 40 هو توتي هڪڙي جماعت بہ وٺي ايندا، جي پٿرن سان توکي سنگسار ڪندا، ۽ پنهنجون تراريون تو مان لنگهائي ڏيندا. 41 ۽ هو تنهنجا گهر باهہ سان ساڙيندا، ۽ گهڻين زالن جي اڳيان توتي فتوائن جي تعميل ڪندا؛ ۽ آءٌ توکي ڪڃري ٿي گذارڻ کان بند ڪري ڇڏيندس، ۽ اڳتي وري تون ڪنهن کي خرچي نہ ڏيندينءَ. 42 انهي طرح آءٌ توتي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، ۽ منهنجي غيرت تو تان لهي ويندي، ۽ آءٌ بس ڪندس، ۽ توتي وري نہ ڪاوڙبس. 43 تو پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ تو مون کي رنج ڪيو آهي، تنهنڪري ڏس خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ تنهنجي راهہ تنهنجي مٿي تي آڻيندس ۽ تون اها شهوت پرستي نہ ڪندينءَ جا تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان مٿي آهي. 44 ڏس، جيڪو پهاڪو ڪم ٿو آڻي سو هي پهاڪو تنهنجي برخلاف ڪم آڻيندو، ۽ چوندو تہ جهڙي ماءُ آهي اهڙي سندس ڌيءَ آهي. 45 تون پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ آهين، جا پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻارن کي ڌڪاري ٿي؛ ۽ تون پنهنجي ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي ڌڪاريو ٿي: تنهنجي ماءُ حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو. 46 ۽ تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريا آهي جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي کٻي پاسي ٿي رهي، ۽ تنهنجي ننڍي ڀيڻ جا پنهنجين ڌيئرن سميت تنهنجي سڄي پاسي ٿي رهي سا سدوم آهي. 47 انهي هوندي بہ تون هنن جي راهہ تي نہ هلينءَ، ۽ نہ رڳو هنن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ڄڻ تہ اها تمام ٿوري ڳالهہ هئي، پر تو پنهنجن سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ برائي ڪئي آهي. 48 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيڪي تو ۽ تنهنجين ڌيئرن ڪيو آهي، سو نہ تنهنجي ڀيڻ سدوم ۽ نڪي ان جي ڌيئرن ڪيو آهي. 49 ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جو هي ڏوهہ هو؛ هن ۾، ۽ هن جي ڌيئرن ۾ مغروري ۽ مانيءَ جو ڍؤ، ۽ عيش ۽ آرام هو؛ هن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ڪئي. 50 ۽ اُهي هٺيليون هيون، ۽ منهنجي اڳيان ڪراهت جهڙا ڪم ڪيائون: تنهنڪري جڏهن اُهو مون ڏٺو تڏهن انهن کي هڪالي ڪڍيم. 51 نڪي سامريا تنهنجن گناهن جي اڌ جيترا ڪيا آهن، پر تو پنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم هنن کان بہ وڌيڪ ڪيا آهن، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم تو ڪيا آهن تن سڀني جي ڪري پنهنجين ڀينرن کي پاڻ کان وڌيڪ بي گناهہ ثابت ڪيو اٿيئي. 52 تو جو پنهنجين ڀينرن لاءِ فتويٰ ڏني آهي، سو تون پنهنجي خواري بہ پاڻ تي کڻ؛ تو هنن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙا گناهہ ڪيا آهن، تنهنڪري هو تو کان وڌيڪ سچيون آهن: ها، تون بہ لڄي ٿي ۽ پنهنجي خواري پاڻ کڻ، جو تو پنهنجين ڀينرن کي بي گناهہ ثابت ڪيو آهي. 53 ۽ آءٌ وري هنن جا قيدي بحال ڪندس، يعني سدوم ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ سامريا ۽ ان جي ڌيئرن جا قيدي، ۽ انهن جي وچ ۾ تنهنجا قيدي: 54 تہ تون خود پنهنجي خواري کڻين ۽ جيڪي تو ڪيو آهي تنهن جي ڪري تون شرمندي ٿين، جنهن صورت ۾ تون هنن جي لاءِ تسلي جو باعث آهين. 55 تنهنجون ڀينرون سدوم ۽ سامريا پنهنجين ڌيئرن سميت پنهنجي اڳئين حالت تي بحال ٿينديون، ۽ تون ۽ تنهنجون ڌيئرون پنهنجي اڳوڻي حالت تي بحال ٿينديون. 56 ڇالاءِ جو پنهنجي اقبالمنديءَ جي ڏينهن، تو پنهنجي ڀيڻ سدوم جو پنهنجي وات سان نالو ئي نٿي ورتو؛ 57 اهو تنهنجي برائي ظاهر ٿيڻ کان اڳي ٿيو، پر هاڻي تون بہ اُنهي جهڙي آهين، يعني اهڙي جڏهن ارام جون ڌيئرون، ۽ تنهنجي آس پاس واريون فلستين جون ڌيئرون بدنام هيون، جي هاڻي چئني پاسي تنهنجي بدخواهي ٿيون ڪن. 58 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تو پنهنجي شهوت پرستيءَ ۽ پنهنجين گندگين ڪري ڏک سَٺو آهي. 59 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ توسان اهڙي ساڳي هلت ڪندس، جهڙي تو ڪئي آهي، جو عهد اقرار ڀڃڻ سان تو قسم جي حقارت ڪئي آهي. 60 اُنهي هوندي بہ تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪو عهد اقرار مون توسان ڪيو هو سو آءٌ ياد ڪندس. ۽ توسان هميشہ جو عهد اقرار قائم ڪندس. 61 تڏهن تون پنهنجا رستا ياد ڪندينءَ ۽ شرمندي ٿيندينءَ، جڏهن تون پنهنجين ڀينرن کي، پنهنجي وڏي توڙي ننڍي ڀيڻ کي، قبول ڪندينءَ: ۽ آءٌ اُهي توکي ڌيئرن جي بجاءِ ڏيندس، پر نہ تنهنجي عهد اقرار سبب. 62 ۽ آءٌ توسان پنهنجو عهد اقرار قائم ڪندس، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان. 63 ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society