حزقي ايل 15 - Sindhi Bible1 خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، ڊاک جو وڻ، يعني ڊاک جي ٽاري جا ٻيلي جي هڪڙي وڻ ۾ آهي، ٻئي وڻ کان ڇا ۾ بهتر آهي؟ 3 انهي مان ڪا اهڙي ڪاٺي نڪرندي ڇا، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگهجي؟ يا انهي مان ڪا ڪلي ٺاهي سگهبي جنهن تي ڪو باسڻ ٽنگي ڇڏجي؟ 4 ڏس، اُها ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اُڇلائي ٿي وڃي؛ باهہ انهي جا ٻئي ڇيڙا ساڙي ڇڏيا آهن، ۽ انهي جو وچ بہ سڙي ويو آهي؛ اُها ڪنهن ڪم جي لائق آهي ڇا؟ 5 ڏس، جڏهن اُها سڄي ساري هئي، تڏهن بہ ڪنهن ڪم جي لائق نہ هئي، تڏهن هاڻي جڏهن باهہ هن کي ساڙي ڇڏيو آهي، ۽ اُها سڙي ويئي آهي، تڏهن اُها ڪيترو نہ گهٽ ڪنهن ڪم جي لائق ٿيندي؟ 6 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن اُهو ڊاک جو وڻ ٻيلي جي ٻين وڻن مان مون سڙڻ لاءِ باهہ کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ ڏيئي ڇڏيندس. 7 آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس. 8 ۽ آءٌ انهي زمين کي ويران ڪندس، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ هنن گناهہ ڪيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society