حزقي ايل 14 - Sindhi Bible1 تنهن کانپوءِ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي مون وٽ آيا ۽ اچي منهنجي اڳيان ويٺا. 2 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 3 اي آدمزاد، هنن ماڻهن پنهنجن بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکيو اٿن: اهڙن ماڻهن کي مون کان ڪو سوال ڪرڻ لازم آهي ڇا؟ 4 تنهنڪري هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکي ٿو، ۽ نبيءَ وٽ اچي ٿو؛ انهي کي آءٌ سندن بُتن جي گهڻائي موجب جواب ڏيندس؛ 5 انهي لاءِ تہ آءٌ اسرائيل جي گهراڻي کي خود سندن خيالن ۾ پڪڙيان، ڇالاءِ جو هو سڀ پنهنجي بُتن جي ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. 6 تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين باز اچو ۽ پاڻ کي پنهنجن بُتن کان ڦيريو؛ ۽ سڀني ڪراهت جهڙين شين کان پنهنجا منهن مٽيو. 7 ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ پاڻ کي مون کان ڌار ڪندو، ۽ پنهنجا بُت پنهنجي دل ۾ رکندو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکندو، ۽ نبيءَ وٽ منهنجي نسبت ۾ پڇا ڪرڻ ايندو؛ انهن کي آءٌ خداوند پاڻ جواب ڏيندس: 8 ۽ آءٌ انهي ماڻهوءَ جي برخلاف پنهنجو منهن ڪندس، ۽ انهي کي عبرت ۽ نشانيءَ ۽ پهاڪي جي بجاءِ ڪندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 9 ۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس. 10 ۽ اُهي پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا پائيندا: نبيءَ جو گناهہ بہ اهڙو ئي ٿيندو جهڙو انهي جو گناهہ جو انهي کان پڇڻ اچي ٿو؛ 11 انهي لاءِ تہ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري مون کان گمراهہ نہ ٿي وڃي؛ ۽ نہ پنهنجن سڀني گناهن سان اڳتي منهنجي بي ادبي ڪري؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اهو انهي لاءِ ٿيندو تہ هو منهنجي قوم ٿين ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيان. 12 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 13 اي آدمزاد، جڏهن ڪو ملڪ ڪنهن قصور ڪرڻ سان منهنجو گناهہ ٿو ڪري، ۽ آءٌ انهي تي پنهنجو هٿ ٿو ڊگهيريان، ۽ انهي جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ٿو ڇڏيان، ۽ اُنهي تي ڏڪار ٿو موڪليان، ۽ اُنهي جا ماڻهو توڙي جانور وڍي ٿو ڇڏيان؛ 14 تڏهن جيتوڻيڪ انهي ۾ نوح، ۽ داني ايل، ۽ ايوب، اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي هجن، تہ بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي پنهنجي سچائيءَ سان فقط پنهنجو ساهہ بچائيندا. 15 جيڪڏهن آءٌ نقصان پهچائيندڙ جانورن کي انهي ملڪ مان لنگهايان ۽ اُهي انهي ۾ ايترو نقصان ڪن جو اُهو ويران ٿي وڃي، ۽ انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو انهي مان لنگهي نہ سگهي؛ 16 تہ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيتوڻيڪ اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي انهي ملڪ ۾ هجن تہ بہ اُهي نہ پٽن کي بچائي سگهندا نہ ڌيئن کي، پر هو فقط پاڻ ڇُٽندا؛ ۽ ملڪ ضرور ويران ٿي ويندو. 17 يا جيڪڏهن آءٌ انهي ملڪ تي ترار آڻيان ۽ چوان تہ، اي ترار، هن ملڪ مان لنگهي وڃ، انهي لاءِ تہ آءٌ انهن مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان؛ 18 تہ خداوند، خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ اُهي ٽيئي ماڻهو کڻي انهي ۾ هجن، تہ بہ اُهي نہ پٽن کي نہ ڌيئن کي بچائي سگهندا، پر هو فقط پاڻ ڇڏائيندا، 19 يا جي آءٌ انهي ملڪ ۾ مري موڪليان، ۽ انهي تي پنهنجي ڪاوڙ خونريزيءَ ۾ اوتي وجهان، انهي لاءِ تہ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان: 20 تہ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جيتوڻيڪ نوح، داني ايل، ۽ ايوب، کڻي انهي ۾ هجن، تہ بہ اُهي نہ پٽن کي نہ ڌيئن کي بچائي سگهندا؛ اُهي پنهنجي سچائي سان فقط پنهنجون جانيون بچائيندا. 21 تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟ 22 انهي هوندي بہ ڏس، انهي ۾ ڪي باقي بچندا، يعني پٽ توڙي ڌيئون، جي ٻاهر ڪڍيا ويندا: ڏس، اُهي اوهان وٽ ايندا، ۽ اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ جيڪا خرابي مون يروشلم تي آندي آهي تنهن جي نسبت ۾، ۽ ٻيو جيڪي بہ مون انهي تي آندو آهي تنهن سڀ جي نسبت ۾، اوهان کي تسلي ملندي. 23 ۽ اُهي اوهان کي تڏهن تسلي ڏيندا جڏهن اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين ڄاڻندا تہ جيڪي انهي ۾ مون ڪيو آهي سو سبب کان سواءِ نہ ڪيو اٿم. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society