Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 12 - Sindhi Bible

1 هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.

3 تنهنڪري اي آدمزاد، تون مسافريءَ جو سامان تيار ڪر، ۽ هنن جي ڏسندي، ڏينهن ڏٺي جو لڏي وڃ: ۽ تون هنن جي ڏسندي پنهنجي جاءِ تان لڏي ٻي جاءِ تي وڃ: شايد هو سمجهن، جيتوڻيڪ باغي گهراڻي جا آهن.

4 ۽ تون هنن جي اکين آڏو ڏينهن جي وقت پنهنجو سامان ٻاهر ڪڍي آڻ، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي: ۽ شام جي وقت تون پاڻ هنن جي ڏسندي نڪري وڃ، جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو نڪرندا آهن.

5 هنن جي ڏسندي ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري انهي مان سامان کڻي وڃ.

6 هنن جي ڏسندي اهو تون پنهنجي ڪلهي تي رکي رات جي وقت کڻي وڃ؛ تون پنهنجو منهن ڍڪج تہ زمين نہ ڏسين: ڇالاءِ جو مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو نشان مقرر ڪيو آهي.

7 ۽ مون ائين ئي ڪيو، جيئن مون کي حڪم مليو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن مسافريءَ لاءِ سامان ڪڍبو آهي، ۽ شام جي وقت مون پنهنجي هٿ سان ڀت کي کوٽي ٽُنگ ڪيو؛ ۽ اونداهي ۾ انهي مان سامان ڪڍيم ۽ هنن جي ڏسندي اُهو پنهنجي ڪلهي تي رکي کڻي ويس.

8 ۽ صبح جو خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

9 اسرائيل جي گهراڻي، اُنهي باغي گهراڻي، توکي چيو يا نہ تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟

10 انهن کي تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي نشان يروشلم جي سردار، ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي لاءِ آهي جي بچيا آهن.

11 تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.

12 ۽ هنن ۾ جو سردار اونداهيءَ ۾ ڪلهي تي سامان کڻي هليو ويندو: هو ڀت کوٽي ٽُنگ ڪري اُنهي مان اُهو کڻي ويندو: هو پنهنجو منهن ڍڪيندو، ڇالاءِ جو پنهنجين اکين سان زمين نہ ڏسندو.

13 آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.

14 ۽ هن کي مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي هن جي چوڌاري آهن تن سڀني کي، ۽ هن جي سڀني ٽولين کي، آءٌ سڀ ڪنهن طرف پکيڙي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار ڪڍي پوندس.

15 ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن کي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.

16 پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

17 وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

18 اي آدمزاد، پنهنجي ماني ڏڪندي کاءُ، ۽ پنهنجو پاڻي ٿڙڪندي ۽ خبرداريءَ سان پيءُ؛

19 ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي چئُہ، تہ خداوند خدا، يروشلم جي رهاڪن ۽ اسرائيل جي ملڪ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو پنهنجي ماني خبرداريءَ سان کائيندا، ۽ پنهنجو پاڻي حيرانيءَ سان پيئندا، انهي لاءِ تہ جيڪي منجهس آهي تنهن سڀ کان خالي ۽ ويران ٿئي.

20 ۽ جيڪي شهر آباد آهن، سي غير آباد ٿيندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

21 خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

22 اي آدمزاد، اسرائيل جي ملڪ ۾ ڪهڙي چوڻي آهي تہ ڏينهن وڌي پيا آهن ۽ ڪوبہ رويا پورو نٿو ٿئي؟

23 تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي.

24 ڇالاءِ جو اسرائيل جي گهراڻي ۾ وري اڳتي ڪوبہ باطل رويا نہ ٿيندو، ۽ نہ خوشامد جهڙي فال نڪرندي.

25 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.

26 وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

27 اي آدمزاد، ڏس، اسرائيل جي گهراڻي وارا ڇا ٿا چون تہ جيڪو رويا هو ڏسي ٿو سو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻو آهي، ۽ هو انهن وقتن جي پيشنگوئي ٿو ڪري جي تمام پري آهن.

28 تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan