Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 9 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃي، هن کي چئُہ تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

2 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون ناڪار ڪري هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين، ۽ اڃا بہ کين روڪيندين،

3 تہ ڏس تنهنجو چوپايو مال، جيڪو جهنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گهوڙا، گڏهہ، اُٺ، ڍور ۽ ڌڻ، تن تي خداوند جو هٿ پوندو ۽ انهن ۾ ڏاڍي سخت بيماري پوندي.

4 ۽ خداوند، بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندو، ۽ بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.

5 ۽ خداوند هڪڙو وقت مقرر ڪيو ۽ چيائين تہ سڀاڻي خداوند هن ملڪ ۾ ائين ڪندو.

6 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند ائين ئي ڪيو، يعني مصرين جو سڀ چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.

7 تڏهن فرعون پڇا ڪرائي ۽ ڏسو، بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو هو. پر تڏهن بہ فرعون جي دل سخت ٿي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.

8 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ کوري جي رک مان مٺيون ڀري کڻو، ۽ موسيٰ اها فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اُڇلائي؛

9 تہ اها سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن تي ڦرڙيون ٿي پونديون، جن مان ڦوڦينڊا نڪرندا.

10 تڏهن هنن کوري جي رک کنئي، ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ اُها آسمان ڏانهن اُڇلائي تہ اُها ماڻهن توڙي جانورن تي ڦوڦينڊن واريون ڦرڙيون ٿي پيئي.

11 ۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.

12 پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ کي فرمايو هو.

13 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اٿي فرعون جي اڳيان وڃي بيهہ، ۽ چوينس تہ خداوند، عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ، منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

14 ڇالاءِ جو هن ڀيري آءٌ پنهنجون سڀ آفتون تنهنجيءَ دل تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي، ۽ تنهنجيءَ رعيت تي موڪليندس، تہ توکي خبر پوي تہ ساريءَ زمين تي مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

15 ڇالاءِ جو هيستائين جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري توکي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماريان ها، تہ تون زمين تان ميٽجي وڃين ها.

16 پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.

17 تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟

18 ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.

19 تنهنڪري هاڻي جلدي ڪري پنهنجو چوپايو مال ۽ ٻيو جيڪي جهنگ ۾ هجيئي، سو گهرائي وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو ۽ جانور جهنگ ۾ هوندو ۽ گهر ۾ نہ آڻبو، تنهن تي ڳڙا اچي ڪڙڪندا ۽ اهي سڀ مري ويندا.

20 سو فرعون جي نوڪرن مان جنهن کي خدا جي ڪلام جو ڊپ هو، سو پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو چوپايو مال ڀڄائي گهر وٺي آيو.

21 پر جنهن خدا جي ڪلام تي ڌيان ڪونہ ڏنو، تنهن پنهنجا نوڪر ۽ پنهنجو مال جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو.

22 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن ڊگهير تہ مصر جي ساري ملڪ تي يعني ماڻهن تي، جانورن تي، ٻنيءَ جي سڀ ڪنهن آباديءَ تي، ۽ جيڪي بہ مصر جي ساري ملڪ ۾ آهي، تنهن تي ڳڙا پون.

23 تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن ڊگهيري ۽ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا، ۽ زمين تي باهہ وسڻ لڳي؛ ۽ خداوند مصر جي ملڪ تي ڳڙا وسايا.

24 انهيءَ طرح ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، ۽ ڳڙن سان گڏ باهہ بہ هئي؛ اهڙا ڳڙا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي، ساري ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.

25 مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ جهنگ ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور، تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو، ۽ ڳڙن جي ڪري ٻنيءَ جي سڀ آبادي برباد ٿي ويئي، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڀڄي پيا.

26 رڳو جشن جي زمين ۾، جتي بني اسرائيل هئا، اتي ڳڙو ڪونہ پيو.

27 تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.

28 اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.

29 تڏهن موسيٰ چيس تہ آءٌ شهر مان ٻاهر نڪرڻ شرط پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کڻندس، ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويندا، تہ توکي خبر پوي تہ زمين خداوند جي آهي.

30 باقي تنهنجي ۽ تنهنجن نوڪرن جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند جو خوف ڪونہ آهي.

31 (۽ ڳڙن جي ڪري سڻيءَ ۽ جوَن جو فصل مارجي ويو، ڇالاءِ تہ جوَن سنگ ڪيا هئا ۽ سڻيءَ ٻج جهليو هو.

32 پر ڪڻڪ ۽ مڱ مارجي ڪين ويا، ڇالاءِ جو اهي اڃا وڌيا ئي ڪين هئا.)

33 پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين؛ ۽ گجگوڙ ۽ ڳڙا بند ٿي ويا، ۽ مينهن بہ زمين تي وسڻ کان جهلجي ويو.

34 ۽ جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن ۽ ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن اڳي کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ توڙي سندس نوڪرن پنهنجي دل سخت ڪئي.

35 سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي، ۽ بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين؛ جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ جي معرفت فرمايو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan