Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 8 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ فرعون وٽ وڃ، ۽ چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

2 ۽ جيڪڏهن تون هنن کي وڃڻ نہ ڏيندين تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ملڪ جي سڀني سرحدن تي ڏيڏرن جي آفت آڻيندس.

3 ۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛

4 ۽ ڏيڏر توتي، تنهنجن ماڻهن تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي بہ ڪاهي ايندا.

5 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجو هٿ لٺ سوڌو، ندين تي، نهرن تي، ۽ تلائن تي ڊگهير تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.

6 تڏهن هارون پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهيريو، تہ ڏيڏر ڪاهي آيا، ۽ مصر جو سارو ملڪ ڀري ڇڏيائون.

7 ۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.

8 تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.

9 تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟

10 هن چيو تہ سڀاڻي لاءِ. تڏهن موسيٰ چيو تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن ئي ٿيندو؛ ڀلي تہ توکي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.

11 ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گهرن مان، تنهنجن نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان هليا ويندا، رڳو درياهہ ۾ وڃي بچندا.

12 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا، ۽ جيڪي ڏيڏر خداوند فرعون تي موڪليا هئا، تن بابت موسيٰ کانئس دعا گهري.

13 تڏهن خداوند، موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ جيڪي ڏيڏر گهرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا، سي سڀ مري ويا.

14 ۽ ماڻهن اهي ميڙي کڻي ڍير ڪيا: ۽ ملڪ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي.

15 پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.

16 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجي لٺ ڊگهي ڪري زمين جي مٽيءَ تي هڻي، تہ مصر جي ساري ملڪ ۾ جُوئون ٿي پون.

17 ۽ هنن ائين ئي ڪيو؛ هارون لٺ سميت پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ اها زمين جي مٽيءَ تي هنيائين، تہ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون پئجي ويون؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ زمين جي مٽي جُوئون ٿي پيئي.

18 جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان جُوئون آڻڻ لاءِ ائين ئي ڪيو، پر آڻي نہ سگهيا، ۽ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون رهجي ويون.

19 تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.

20 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

21 جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ آءٌ تو تي، تنهنجن نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي، ۽ تنهنجن گهرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس؛ پوءِ مصرين جا گهر، ۽ جنهن زمين تي اُهي رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.

22 پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي زمين، جتي منهنجي اُمت ٿي رهي، سا ڌار ڪندس، تہ اتي مکين جا ميڙ نہ ٿين؛ انهيءَ لاءِ تہ توکي خبر پوي تہ دنيا ۾ آءٌ ئي خداوند آهيان.

23 ۽ آءٌ پنهنجي اُمت ۽ تنهنجي اُمت جي وچ ۾ تفاوت رکندس: سڀاڻي اُها نشاني ظاهر ٿيندي.

24 سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.

25 تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو.

26 پر موسيٰ چيو تہ ائين ڪرڻ مناسب نہ آهي؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اُها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان مصرين کي ڪراهت ٿي اچي. سو، جيڪڏهن اسين مصرين جي اکين اڳيان اها قرباني چاڙهينداسين، جنهن کان هنن کي ڪراهت ٿي اچي، تہ پوءِ هو اسان کي سنگسار نہ ڪندا ڇا؟

27 اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وينداسين ۽ اتي، جيئن خداوند اسان جو خدا اسان کي حڪم ڏيندو، تيئن سندس لاءِ قرباني چاڙهينداسين.

28 تڏهن فرعون چيو تہ آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو: پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گهرجو.

29 تڏهن موسيٰ چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽان وڃان ٿو ۽ خداوند کي عرض ڪندس تہ سڀاڻي اهي مکين جا ميڙ فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان هليا وڃن. پر ائين نہ ٿئي تہ فرعون وري دغا ڪري ۽ هنن ماڻهن کي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ واسطي وڃڻ جي موڪل نہ ڏئي.

30 پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گهريائين.

31 ۽ خداوند موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو؛ ۽ هن فرعون وٽان، ۽ سندس نوڪرن وٽان، ۽ سندس رعيت وٽان، مکين جا ميڙ دفع ڪيا؛ ۽ هڪڙي بہ مک ڪانہ بچي.

32 پر هن ڀيري بہ فرعون پنهنجي دل سخت ڪئي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan