خروج 6 - Sindhi Bible1 تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو. 2 پوءِ خدا موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ آءٌ خداوند آهيان. 3 جڏهن مون ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادر مطلق ڪري ڄاڻندا هئا، پر هنن کي خبر ڪانہ هئي تہ منهنجو نالو خداوند آهي. 4 ۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس. 5 انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي. 6 تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس. 7 آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو. 8 آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان. 9 پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي. 10 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 11 تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي وڃي چئُہ تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڏي. 12 تنهن تي موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪري چيو تہ ڏس، جڏهن بني اسرائيل منهنجي ڳالهہ نہ مڃي، تہ فرعون منهنجي ڳالهہ ڪيئن مڃيندو؟ آءٌ تہ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪندو آهيان. 13 تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو ۽ کين بني اسرائيل لاءِ، ۽ مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ پيغام ڏنائين، ۽ چيائين، تہ بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اچو. 14 هنن جي اباڻن خاندانن جا سردار هي آهن: اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ، فلو، حسرون ۽ ڪرمي، اهي روبن جا گهراڻا هئا. 15 ۽ شمعون جا پٽ؛ يموئيل، يمين، اهد، يڪين، صحر ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال جو پٽ هو، اهي شمعون جا گهراڻا هئا. 16 لاويءَ جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن؛ جيرسون، قهات ۽ مراري؛ لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي. 17 جيرسون جا پٽ؛ لبني ۽ شمعي، سندن گهراڻن موجب هئا. 18 قهات جا پٽ؛ عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزئيل هئا؛ قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ ورهيہ هئي. 19 مراريءَ جا پٽ؛ محلي ۽ موشي هئا. لاويءَ جا گهراڻا سندن پيڙهين موجب اهي آهن. 20 عمرام پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ يوڪبد سان شادي ڪئي، ۽ انهي مان هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا، ۽ عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي. 21 اضحار جا پٽ؛ قورح، نفجہ ۽ زڪري هئا. 22 عزئيل جا پٽ؛ ميسائيل، الصفن ۽ ستري هئا. 23 هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا. 24 قورح جا پٽ؛ آسير، القاناہ ۽ ابياسف هئا؛ اهي قورح جا گهراڻا آهن. 25 هارون جي پٽ اليعزر فوطيئل جي ڌيئرن مان هڪڙي سان شادي ڪئي، انهيءَ مان فنيحاس پيدا ٿيو. لاويءَ وارن جي ابن ڏاڏن جي خاندانن مان هي سردار سندن گهراڻن موجب هئا. 26 هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ بني اسرائيل کي سندن لشڪر موجب، مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو. 27 هي اهي ئي آهن، جن مصر جي بادشاهہ فرعون کي چيو تہ اسين بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي وينداسون: هي اهوئي موسيٰ ۽ هارون آهن. 28 ۽ جنهن ڏينهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ موسيٰ ۽ هارون سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن هيئن ٿيو، 29 جو خداوند موسيٰ کي چيو تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج. 30 تڏهن موسيٰ خداوند جي حضور ۾ عرض ڪيو تہ ڏس، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان، سو فرعون ڪيئن منهنجي ڳالهہ مڃندو؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society