Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 5 - Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.

2 تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.

3 تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي.

4 تڏهن مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ اي موسيٰ ۽ هارون، اوهين ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ وڃي اوهين بہ پورهئي کي لڳو.

5 ۽ فرعون چيو تہ ڏسو، هن ملڪ ۾ اهي ماڻهو گهڻا وڌي ويا آهن، ۽ اوهين انهن کي سندن پورهئي کان آرام ڏيارڻ ٿا گهرو.

6 ۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن فرعون، انهن ماڻهن جي مقدمن ۽ عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ،

7 جيئن هيستائين اوهين هنن ماڻهن کي سرون جوڙڻ لاءِ بهہ ڏيندا هئا، تيئن هاڻي کين بهہ نہ ڏيو؛ ڀلي تہ هو پنهنجي لاءِ پاڻيهي وڃي بهہ گڏ ڪن.

8 ۽ جيڪي سرون هنن هيستائين جوڙيون آهن، تن جي انداز موجب حساب ڪري، مٿن پورهيو مقرر ڪريو، انهي مان ڪي بہ گهٽ نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو سست آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.

9 اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن، ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن خيال نہ ڊوڙائين.

10 تڏهن انهن ماڻهن جا مقدم ۽ سندن عملدار اتان روانا ٿيا ۽ انهن ماڻهن کي اچي چيائون، تہ فرعون فرمائي ٿو تہ اڳتي آءٌ اوهان کي بهہ ڪونہ ڏيندس.

11 جتان اهو اوهان کي ملي اُتان وڃي کڻي اچو؛ پر اوهان جو پورهيو بلڪل گهٽ ڪونہ ٿيندو.

12 سو اهي ماڻهو مصر جي ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بهہ جي بدران ٻٿ گڏ ڪرڻ لڳا.

13 ۽ مقدمن کين تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين پنهنجو روزمرہ جو ڪم، اهڙو پورو ڪريو، جهڙو بهہ هوندي ڪندا هئا.

14 ۽ جن عملدارن کي فرعون جي مقدمن بني اسرائيل جي مٿان مقرر ڪيو هو، تن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ڇو اوهان سرن جوڙڻ جو ڪم، ڪالهہ ۽ اڄ ايترو نہ ڪيو آهي، جيترو اڳي ڪندا هئا؟

15 تڏهن بني اسرائيل جا عملدار فرعون وٽ آيا، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا تہ تون پنهنجن ٻانهن سان اهڙي هلت ڇو ٿو ڪرين؟

16 تنهنجن ٻانهن کي بهہ ڪونہ ٿو ملي ۽ هو اسان کي چون ٿا تہ پوريون سرون جوڙيو: ۽ ڏس، هو تنهنجن ٻانهن کي مارين ٿا، پر ڏوهہ خود تنهنجن ماڻهن جو آهي.

17 تنهن تي هن چيو تہ اوهين سست آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيون.

18 سو هاڻي ڪم ڪريو، اوهان کي بهہ ڪونہ ملندو، پر سرن جو ساڳيو ئي ٺهرايل انداز اوهان کي ڏيڻو پوندو.

19 هاڻي جڏهن بني اسرائيل جي عملدارن کي چيو ويو تہ اوهين پنهنجي روزمرہ جي ڪم موجب سرن جي ٺهرايل انداز مان ڪجهہ بہ نہ گهٽايو، تڏهن کين معلوم ٿيو تہ اسان جو برو حال ٿيو آهي.

20 پوءِ هو فرعون وٽان ٿي موسيٰ ۽ هارون کي وڃي گڏيا، جي سندن لاءِ رستي تي بيٺا هئا.

21 ۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.

22 تڏهن موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ چيائين تہ اي خداوند، تو ڇو هن اُمت کي مصيبت ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو مون کي موڪليو اٿيئي؟

23 ڇالاءِ تہ جڏهن کان آءٌ تنهنجي نالي ڳالهائڻ لاءِ فرعون وٽ آيو آهيان، تڏهن کان هو هن اُمت کي وڌيڪ ٿو ستائي، ۽ تو پنهنجيءَ اُمت کي ڪنهن بہ طرح ڇڏايو ڪينهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan