Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 40 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ

2 تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.

3 ۽ تون انهي ۾ شاهديءَ جي صندوق رکج، ۽ صندوق کي پردي سان ڍڪي ڇڏج.

4 ۽ تون ميز اندر آڻي، انهيءَ جون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکج؛ ۽ شمعدان اندر آڻي، انهي جا ڏيئا ٻارج.

5 ۽ تون شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان، لوبان ساڙڻ لاءِ، سوني قربانگاهہ رکج، ۽ خيمي جي در جو پردو ٽنگي ڇڏج.

6 ۽ تون جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در جي اڳيان، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکج.

7 ۽ تون جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ حوض رکج، ۽ انهي ۾ پاڻي وجهي ڇڏج.

8 ۽ تون چوڌاري اڱڻ بيهارج، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏج.

9 ۽ تون مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، تن سڀني کي مسح ڪج، ۽ انهي کي ۽ انهي جي سڀ سامان کي پاڪ ڪج؛ پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.

10 ۽ تون سوختني قربانيءَ واريءَ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج: پوءِ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي.

11 ۽ تون حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي بہ مسح ڪج، ۽ انهي کي پاڪ ڪج.

12 ۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، کين پاڻيءَ سان غسل ڏج:

13 ۽ تون هارون کي پاڪ پوشاڪ ڍڪائج، ۽ کيس مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو ڪهانت جي درجي تي منهنجي خدمت ڪري.

14 ۽ تون هن جي پٽن کي آڻي کين پهراڻ ڍڪائج،

15 ۽ تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪج، تہ هو ڪهانت جي درجي تي منهنجي خدمت ڪن: ۽ اها مساحت هنن جي لاءِ، سندن پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ، ڪهانت جو نشان ٿيندي.

16 سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.

17 ۽ ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو،

18 ۽ موسيٰ خيمي کي کڙو ڪري بيهاريو، ۽ انهي جا کوپا وڌائين، ۽ انهي جا ٺاٺ بيهاريائون، ۽ انهي جا گز وڌائين، ۽ انهي جا ٿنڀ کڙا ڪيائين.

19 ۽ هن خيمي جي مٿان تنبو پکيڙيو، ۽ انهي جي مٿان تنبوءَ جو ڍڪ وڌائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

20 ۽ هن شاهديءَ جون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون، ۽ ڏنڊا صندوق مان لنگهايائين، ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين؛

21 پوءِ صندوق خيمي ۾ کڻي آيو، ۽ پردو وجهي شاهديءَ جي صندوق ڍڪي ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

22 ۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۾، خيمي جي اُتر واري پاسي، پردي جي ٻاهران ميز رکي،

23 ۽ انهيءَ تي خداوند جي حضور ۾ ماني ٺاهي جوڙي رکيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

24 ۽ هن جماعت واري تنبو ۾، خيمي جي ڏکڻ واري پاسي، شمعدان رکيو،

25 ۽ خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻاريائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

26 ۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۾، پردي جي سامهون، سوني قربانگاهہ رکي،

27 ۽ انهيءَ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

28 ۽ هن، خيمي جي در تي پردو ٽنگيو.

29 ۽ هن جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در وٽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکي، ۽ انهيءَ تي سوختني قرباني چاڙهيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

30 ۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، حوض رکيو، ۽ انهي ۾ ڌوئڻ جي لاءِ پاڻي وڌائين.

31 ۽ موسيٰ، ۽ هارون، ۽ سندس پٽن انهي تي پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوتا؛

32 جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾، ۽ قربانگاهہ جي ويجهو آيا، تڏهن پنهنجا هٿ پير ڌوتائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

33 ۽ هن عبادت جي خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس، اڱڻ کڙو ڪيو، ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگي ڇڏيائين. انهيءَ طرح موسيٰ سمورو ڪم پورو ڪيو.

34 تڏهن ڪڪر جماعت واري تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ عبادت جو خيمو خداوند جي جلال سان ڀرجي ويو.

35 ۽ موسيٰ جماعت واري تنبوءَ ۾ گهڙي نہ سگهيو، ڇالاءِ جو انهي جي مٿان ڪڪر بيٺل هو، ۽ خيمو خداوند جي جلال سان ڀريل هو.

36 جڏهن ڪڪر خيمي تان مٿي کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ اڳتي وڌندا هئا،

37 پر جي ڪڪر نہ کڄندو هو، تہ جنهن ڏينهن تائين اهو مٿي نہ کڄندو هو، تنهن ڏينهن تائين هو سفر نہ ڪندا هئا.

38 ڇالاءِ تہ اسرائيل جي سڄي گهراڻي جي سامهون، سندن مسافري ۾، ڏينهن جو خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو، ۽ رات جو انهيءَ ۾ باهہ رهندي هئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan