Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 4 - Sindhi Bible

1 تڏهن موسيٰ ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، هو مون تي اعتبار ڪين آڻيندا، نڪي منهنجي ڳالهہ مڃيندا؛ ڇالاءِ جو هو چوندا تہ خدا توکي ڏيکاري ڪانہ ڏني آهي.

2 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ هن چيو تہ لٺ آهي.

3 تڏهن چيائينس تہ اها زمين تي اُڇلاءِ. ۽ هن اها زمين تي اُڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي، ۽ هو انهي وٽان اُٿي ڀڳو.

4 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي پڇ کان جهل: (هن پنهنجو هٿ ڊگهيري هن کي پڇ کان جهليو، تہ اهو سندس هٿ ۾ لٺ ٿي پيو.)

5 هي انهيءَ لاءِ ٿيو تہ هو اعتبار ڪن تہ خداوند انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا توکي ڏيکاري ڏني آهي.

6 وري خداوند هيئن بہ چيس تہ هاڻي پنهنجو هٿ پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رک. هن پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ سان ڀرجي برف جهڙو اڇو ٿي پيو آهي.

7 پوءِ چيائينس تہ وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رک. (هن وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو پنهنجيءَ ڇاتيءَ تان ٻاهر ڪڍيائين تڏهن ڏسي تہ اهو بدلجي اهڙو ٿي پيو جهڙو سندس باقي بدن هو.)

8 ۽ چيائينس تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪندا، ۽ پهرئين معجزي کي نہ مڃيندا تہ ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪندا.

9 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.

10 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.

11 تڏهن خداوند چيس تہ ماڻهوءَ جو وات ڪنهن جوڙيو آهي؟ ۽ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ اهو آءٌ نٿو ڪريان ڇا، جو خداوند آهيان؟

12 تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس.

13 تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ ڪنهن ٻئي جي هٿان اهو پيغام موڪل.

14 تڏهن خداوند، موسيٰ تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ لاوين منجهان هارون تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگهي ۽ ڏس، هو بہ توکي گڏجڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ توکي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.

15 ۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.

16 ۽ هو تنهنجي بدران ماڻهن سان ڳالهائيندو؛ هو تنهنجي لاءِ ڄڻ تہ وات ٿيندو، ۽ تون هن جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ٿيندين.

17 تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.

18 پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يتروءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجن ڀائرن وٽ وڃان، جي مصر ۾ آهن، ۽ وڃي ڏسان تہ اڃا جيئرا آهن يا نہ. تڏهن يتروءَ موسيٰ کي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ.

19 ۽ خداوند مديان ۾ موسيٰ کي چيو تہ موٽي مصر ۾ وڃ؛ ڇالاءِ تہ جن ماڻهن توکي مارڻ ٿي گهريو سي مري ويا آهن.

20 تڏهن موسيٰ پنهنجي زال ۽ پنهنجن پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو؛ ۽ موسيٰ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي.

21 ۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.

22 تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي.

23 سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.

24 ۽ هيئن ٿيو تہ رستي ۾ منزل تي خداوند هن کي گڏيو، ۽ کيس مارڻ گهريائين.

25 تڏهن صفورہ هڪڙو تکو پهڻ کڻي پنهنجي پٽ جو ختنو ڪيو، ۽ وڍيل کل جو ٽڪر موسيٰ جي پيرن وٽ اُڇلائي چيائين تہ سچ پچ رت جي ڪري تون منهنجو گهوٽ آهين.

26 تڏهن هن انهيءَ کي ڇڏي ڏنو. پوءِ صفورہ چيو تہ ختني جي رت جي ڪري تون منهنجو گهوٽ آهين.

27 ۽ خداوند هارون کي چيو تہ بيابان ۾ وڃي موسيٰ کي گڏج. سو هو ويو ۽ خدا جي جبل تي وڃي کيس گڏيو ۽ چميائينس.

28 ۽ جيڪي ڳالهيون خدا موسيٰ کي ٻڌائي کيس موڪليو هو، ۽ جيڪي معجزا ڏنا هئائينس، سي سڀ هن هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.

29 پوءِ موسيٰ ۽ هارون وڃي بني اسرائيل جي بزرگن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو:

30 ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي هارون بيان ڪيون، ۽ هن ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.

31 تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan