خروج 38 - Sindhi Bible1 ۽ هن سوختني قربانيءَ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي، ۽ انهيءَ جي اوچائي ٽي هٿ هئي. 2 ۽ هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ جوڙيا؛ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، ۽ هن انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهيو. 3 ۽ هن قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، يعني رک کڻڻ جا ٿانو، ڪوڏاريون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙيا: اهي سڀ ٿانو هن پتل جا جوڙيا. 4 ۽ هن قربانگاهہ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙيو، جو انهيءَ ۾ چوڌاري ڪناري جي هيٺان اڌ تائين هو. 5 ۽ هن پتل جي آتشدان جي چئن ڪنڊن لاءِ چار پلٽيل ڇلا جوڙيا، تہ ڏنڊن وجهڻ جون جايون ٿين. 6 ۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيائين. 7 ۽ هن اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ جي لاءِ انهيءَ جي پاسن وارن ڇلن ۾ وڌا؛ ۽ هن اها تختن جي کوکي وانگر جوڙي. 8 ۽ هن پتل جو هڪڙو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙي؛ هن اهي جماعت واري تنبوءَ جي در تي، جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون، تن جي آرسين مان جوڙيا. 9 ۽ هن اڱڻ بہ جوڙيو؛ انهي جا پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا؛ ڏاکڻي پاسي ڏکڻ ڏانهن پردن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي. 10 انهن جا ويهہ ٿنڀ هئا، جن جي لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 11 ۽ اُتر واري پاسي جي لاءِ بہ هڪ سؤ هٿ ڊگها پردا هئا، ۽ انهن جا ويهہ ٿنڀ هئا، جن جي لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 12 ۽ الهندي واري پاسي لاءِ پنجاهہ هٿ ڊگها پردا هئا؛ انهن جا ڏهہ ٿنڀ ۽ انهن جا ڏهہ کوپا هئا؛ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 13 ۽ اڀرندي واري پاسي اڀرندي ڏانهن بہ اهي پنجاهہ هٿ ڊگها هئا. 14 دروازي جي هڪڙي پاسي لاءِ پندرهن هٿ ڊگها پردا هئا؛ انهن جا ٽي ٿنڀ، ۽ انهن جا ٽي کوپا هئا. 15 ساڳيءَ طرح دروازي جي ٻئي پاسي لاءِ بہ هئا: اڱڻ جي دروازي جي ٻنهي پاسن لاءِ پندرهن پندرهن هٿ ڊگها پردا، ٽي ٽي ٿنڀ، ۽ انهن جا ٽي ٽي کوپا هئا. 16 اڱڻ جي چوڌاري سڀيئي پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا. 17 ۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هئا، ۽ ڪنڍا، ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا؛ ۽ انهن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو؛ ۽ اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا. 18 ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ زردوزي ڪم جو پردو هو، جو آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو هو؛ انهي جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي؛ ۽ اوچائي، اڱڻ جي پردن جي ويڪر موجب، پنج هٿ هئي. 19 ۽ انهي جا چار ٿنڀ هئا؛ ۽ انهن لاءِ پتل جا چار کوپا هئا؛ انهن جا ڪنڍا، ۽ انهن جا بند، ۽ چوٽيءَ جو ڍڪ، اهي سڀ چانديءَ جا هئا. 20 ۽ خيمي جون ڪليون، ۽ چوڌاري اڱڻ جون ڪليون، سڀ پتل جون هيون. 21 عبادت جي خيمي، يعني شاهديءَ جي خيمي جو تفصيل اهو آهي: جيڪي شيون موسيٰ جي حڪم موجب لاوين جي خدمت لاءِ هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿان شمار ڪيون ويون، 22 ۽ جنهن بابت خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، سو سڀ، يهوداهہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور جوڙيو؛ 23 ۽ دان جي قبيلي واري اخيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن سان گڏ هو، جو اُڪرڻ جو ڪم ڪندڙ، ۽ هوشيار ڪاريگر هو؛ ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي زردوزيءَ جو ڪم ڪندڙ هو. 24 جيڪو سون عبادتگاهہ جي سڀني ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويو، يعني نذراني وارو سون، سو سڀ اوڻٽيهہ قنطار ۽ ست سؤ ٽيهہ مشقال هو؛ ۽ اهي مشقال عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هئا. 25 ۽ جماعت جي شمار ڪيل سڀ چاندي، هڪ سؤ قنطار، ۽ هڪ هزار ست سؤ پنجهتر مشقال هئي، ۽ اهي مشقال عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هئا. 26 جن ماڻهن جي عمر ويهہ سال ۽ انهي کان وڌيڪ هئي، ۽ شمار ٿيندڙن ۾ داخل ٿيا هئا، تن جو تعداد ڇهہ لک ٽي هزار ۽ ساڍا پنج سؤ هو: انهن مان هر ڪنهن ماڻهوءَ هڪ بقع، يعني عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏنو هو. 27 ۽ سؤ قنطار چانديءَ مان پاڪ مڪان، ۽ پردي جا کوپا، پلٽي ٺاهيا ويا؛ هڪ سؤ کوپا، سؤ قنطارن مان؛ هڪ کوپو، هڪ قنطار مان. 28 ۽ هن هڪ هزار ست سؤ پنجهتر مشقالن مان، ٿنڀن جا ڪنڍا، ۽ انهن جا بند جوڙيا، ۽ انهن جي چوٽين تي پٽ چاڙهيائين. 29 ۽ نذراني وارو پتل، ستر قنطار ۽ ٻہ هزار چار سؤ مشقال هو؛ 30 انهي مان هن جماعت واري تنبوءَ جي در جا کوپا، ۽ پتل جي قربانگاهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جو آتشدان، ۽ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو جوڙيا: 31 ۽ هن چوڌاري اڱڻ جا کوپا، ۽ اڱڻ جي دروازي جا کوپا، ۽ خيمي جون ڪليون، ۽ چوڌاري اڱڻ جون ڪليون، اهي سڀ جوڙيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society