خروج 37 - Sindhi Bible1 ۽ بضلي ايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ، ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي. 2 ۽ هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين. 3 ۽ انهيءَ جي چئن ئي پاون لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي، ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي لاءِ. 4 ۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين. 5 ۽ اهي ڏنڊا صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين. 6 ۽ هن نج سون جو رحمت جو پوش جوڙيو؛ انهي جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 7 ۽ هن سون جا ٻہ ڪروبي جوڙيا؛ اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا هئا، 8 هڪڙو ڪروبي هڪڙي ڇيڙي تي، ۽ ٻيو ڪروبي ٻئي ڇيڙي تي هو؛ هن ٻنهي ڇيڙن تي اهي ٻئي ڪروبي، انهي ساڳئي ٽڪر مان، رحمت جي پوش سان گڏيل جوڙيا. 9 انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا، ۽ سندن منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هئا. 10 ۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي؛ 11 ۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين. 12 ۽ انهيءَ جي چوڌاري چار آڱر ويڪري ڪناري جوڙيائين، ۽ انهيءَ ڪناريءَ جي آس پاس سون جا ڇٽ جوڙيائين. 13 ۽ هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيا، ۽ اهي ڪڙا انهيءَ جي چئن پاون جي چئن ڪنڊن ۾ وڌائين. 14 اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجهو، ميز جي کڻڻ لاءِ، ڏنڊن وجهڻ جي جاين واسطي هئا. 15 ۽ هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 16 ۽ هن ميز تي رکڻ لاءِ ٿانو جوڙيا، يعني انهيءَ جون رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا، اهي سڀ نج سون جا جوڙيائين. 17 ۽ هن نج سون جو شمعدان جوڙيو: اهو شمعدان گهڙيل ڪم جو هو؛ ۽ انهي جو ٿُڙ، شاخون، ڏياٽيون، بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان جوڙيل هئا. 18 ۽ انهي جي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، يعني شمعدان جون ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ٻاهر نڪتل هيون، ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان؛ 19 ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، هڪڙي شاخ ۾ هيون، ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، ٻي شاخ ۾ هيون: اهڙيءَ طرح شمعدان جون ڇهہ شاخون جيڪي ٻاهر نڪتل هيون تن ۾ ڏياٽيون هيون. 20 ۽ چار ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، بونبن ۽ گلن سميت، شمعدان جي وچ ۾ جڙيل هيون: 21 ۽ ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٻين ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهيءَ ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺيان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو. اهڙيءَ طرح شمعدان مان نڪتل ڇهن ئي شاخن جي هيٺان بونبا هئا. 22 انهي جون شاخون، ۽ انهي جا بونبا انهي ساڳئي، هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، اهي سڀيئي نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هئا. 23 ۽ هن انهي جي لاءِ ست ڏيئا جوڙيا، ۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمٽا، ۽ رڪابيون نج سون جون جوڙيائين. 24 هن اهو، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، نج سون جي هڪڙي قنطار مان جوڙيا. 25 ۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي؛ ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي؛ ۽ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا. 26 ۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن پاسن تي، ۽ سڱن تي هو؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين. 27 ۽ هن انهي جي لاءِ ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسي، سندس ٻن پٽين تي سون جا ٻہ ڇلا جوڙيا، تہ انهيءَ جي کڻڻ لاءِ ڏنڊن وجهڻ جون جايون ٿين. 28 ۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 29 ۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society