خروج 36 - Sindhi Bible1 پوءِ بضلي ايل، اهلياب ۽ سڀيئي هوشيار ماڻهو، جن ۾ خداوند دانائي ۽ سمجهہ وڌي هئي تہ اُنهن کي عبادتگاهہ جي خدمت لاءِ هر ڪنهن قسم جي ڪم ڪرڻ جي خبر پوي، سي خداوند جي سڀني حڪمن موجب ڪم ڪرڻ لڳا. 2 ۽ بضلي ايل، اهلياب، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو، جن جي دلين ۾ خداوند دانائي وڌي هئي، يعني اهي سڀ جن جي دل کين ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني، تن سڀني کي موسيٰ پاڻ وٽ سڏيو؛ 3 ۽ جيڪي نذرانا، بني اسرائيل عبادتگاهہ جي خدمت جي ڪم لاءِ آندا هئا، سي سڀ انهن کي ڏنائين، انهي لاءِ تہ هو انهن مان اهي ڪم پورا ڪن. ۽ ماڻهو اڃا بہ هر روز صبح جو نذرانا آڻيندا رهيا. 4 تڏهن سڀيئي هوشيار ماڻهو، جن عبادتگاهہ جو ڪم ٿي ڪيو، تن مان هرڪو پنهنجي ڪم تان آيو، 5 ۽ اچي موسيٰ کي چوڻ لڳا تہ جيتري ڪم جوڙڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن جي ضرورت کان وڌيڪ مال ماڻهو آڻي رهيا آهن. 6 تڏهن موسيٰ حڪم ڏنو ۽ هنن منزلگاهہ ۾ پڙهو گهمارايو، تہ عبادتگاهہ جي نذراني جي لاءِ ڪو بہ مرد توڙي زال هاڻي وڌيڪ ڪم نہ ڪري. پوءِ ماڻهن نذراني آڻڻ کان بس ڪئي. 7 ڇالاءِ تہ جيڪو مال وٽن هو، سو سموري ڪم لاءِ پورو، بلڪ وڌيڪ هو. 8 سو جيڪي ڪم ڪرڻ وارا هوشيار ماڻهو هئا، تن عبادت جي خيمي لاءِ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڏهہ پردا جوڙيا، ۽ انهن ۾ هوشياريءَ سان ڪروبي بہ جوڙيائون. 9 هرهڪ پردي جي ڊيگهہ اٺاويهہ هٿ، ۽ ويڪر چار هٿ هئي: سڀيئي پردا هڪڙي ئي ماپ جا هئا. 10 ۽ هن پنج پردا هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيا، ۽ ٻيا پنج پردا بہ هڪ ٻئي سان ڳنڍيائين. 11 ۽ جتي هي پردا ڳنڍيا ويا اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي، آسماني رنگ جي ڌاڳن جا ڇلا جوڙيائين؛ ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا ڇلا جوڙيائين؛ 12 پنجاهہ ڇلا هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي، ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي رکيائين؛ ۽ ڇلا هڪ ٻئي جي سامهون هئا. 13 ۽ هن سون جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙيون، ۽ آنڪڙين سان پردا هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيائين؛ انهيءَ طرح يڪو خيمو تيار ٿي ويو. 14 ۽ هن خيمي جي مٿان تنبو ٺاهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا جوڙيا. 15 هر هڪ پردي جي ڊيگهہ ٽيهہ هٿ، ۽ ويڪر چار هٿ هئي؛ يارهن ئي پردا هڪڙي ماپ جا هئا. 16 ۽ هن پنج پردا ڌار ڳنڍيا، ۽ ڇهہ پردا ڌار ڳنڍيائين. 17 ۽ جتي هي ٻاهريان وڏا پردا ڳنڍيا ويا، اتي سڀ کان ٻاهرئين پردي جي ڪناري تي پنجاهہ ڇلا جوڙيائين. 18 ۽ هن پتل جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙيون، تہ تنبوءَ کي ڳنڍي يڪو ڪري ڇڏي. 19 ۽ هن تنبوءَ جي لاءِ گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو هڪڙو ڍڪ جوڙيو، ۽ انهي جي مٿان مل ار مڇيءَ جي کلن جو ڍڪ جوڙيائين. 20 ۽ هن خيمي جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا تختا جوڙيا، جي اُڀا ڪري بيهاريائين. 21 هرهڪ تختي جي ڊيگهہ ڏهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 22 هرهڪ تختي کي ٻہ چوڙيون هيون، جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون؛ انهيءَ طرح هن خيمي جي سڀني تختن لاءِ جوڙيون. 23 ۽ هن خيمي جي لاءِ ٺاٺ جوڙيا؛ ويهہ ٺاٺ ڏاکڻي پاسي لاءِ ڏکڻ ڏانهن؛ 24 ۽ هن انهن ويهن ٺاٺن جي هيٺان، چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙيا، هرهڪ ٺاٺ جي هيٺان، ان جي چوڙين رکڻ لاءِ ٻہ ٻہ کوپا جوڙيائين، 25 ۽ هن خيمي جي ٻئي پاسي يعني اُتر واري پاسي لاءِ ويهہ ٺاٺ جوڙيا، 26 ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙيائين؛ هرهڪ ٺاٺ جي هيٺان ٻہ ٻہ کوپا. 27 ۽ هن خيمي جي پٺئين ڀاڱي، يعني الهندي پاسي لاءِ، ڇهہ ٺاٺ جوڙيا. 28 ۽ ٻہ ٺاٺ خيمي جي پٺئين ڀاڱي جي ڪنڊن لاءِ جوڙيائين. 29 اهي هيٺان ٻٽا هئا ۽ ساڳيءَ طرح چوٽيءَ تائين اهي هڪڙي ڇلي ۾ يڪا ڳنڍيل هئا؛ اهڙيءَ طرح هن ٻنهي ڪنڊن ۾ ٻئي هڪجهڙا جوڙيا. 30 اهڙا اٺ ٺاٺ ۽ چانديءَ جا سورنهن کوپا هئا: هرهڪ ٺاٺ جي هيٺان ٻہ ٻہ کوپا. 31 ۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا گز جوڙيا، پنج گز خيمي جي هڪڙي پاسي وارن ٺاٺن لاءِ، 32 ۽ پنج گز خيمي جي ٻئي پاسي وارن ٺاٺن لاءِ، ۽ پنج گز خيمي جي الهندي واري پٺئين ڀاڱي وارن ٺاٺن لاءِ. 33 ۽ هن ٺاٺن جي وچ وارو گز، هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جوڙيو. 34 ۽ هن ٺاٺن تي سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ گزن جي جاين لاءِ سون جا ڇلا جوڙيائين، ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين. 35 ۽ هن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو پردو جوڙيو، جنهن ۾ هوشياري سان ڪروبي بہ جوڙيائين. 36 ۽ هن انهي جي لاءِ ٻٻر جا چار ٿنڀ جوڙيا ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين؛ انهن جا ڪنڍا سون جا هئا، ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا پلٽيل کوپا جوڙيائين. 37 ۽ هن تنبوءَ جي در جي لاءِ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو، زردوزيءَ جي ڪم سان هڪڙو پردو جوڙيو؛ 38 ۽ انهي جا پنج ٿنڀ ڪنڍن سميت جوڙيائين. ۽ انهن جي چوٽين، ۽ پاين تي، سون جو پٽ چاڙهيائين؛ پر انهي جا پنج کوپا پتل جا هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society