Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 34 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو،

2 ۽ صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج، ۽ اتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿج،

3 ۽ ڪوبہ ماڻهو تو سان گڏ مٿي نہ اچي، نڪي ڪوبہ ماڻهو ساري جبل تي ڏسڻ ۾ اچي، نڪي انهي جبل جي اڳيان ڍور ۽ ڌڻ چرن.

4 تڏهن هن اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙيون، ۽ موسيٰ صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيئن خداوند فرمايو هوس، تيئن اهي پهڻ جون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو.

5 ۽ خداوند ڪڪر ۾ لهي آيو ۽ اچي اتي ساڻس گڏ بيٺو، ۽ خداوند جو نالو ظاهر ڪيائين.

6 ۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور،

7 هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“

8 تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جهڪائي سجدو ڪيو،

9 ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.

10 تڏهن هن چيس تہ ڏس آءٌ عهد ٿو ڪريان، تہ آءٌ تنهنجي ساريءَ قوم جي اڳيان اهڙا عجيب ڪم ڪندس، جي ساريءَ زمين تي ڪنهن بہ قوم ۾ نہ ڪيا ويا آهن؛ ۽ جن ماڻهن ۾ تون رهين ٿو، سي سڀ خداوند جو ڪم ڏسندا؛ ڇالاءِ تہ جيڪي آءٌ توسان ڪندس، سو خوفناڪ آهي.

11 جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو تنهن تي عمل ڪج: ڏس، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فريزين، حوين، ۽ يبوسين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان.

12 خبردار، جنهن ملڪ ۾ تون وڃين ٿو، تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪج، متان اهو اوهان جي وچ ۾ ڦندو ٿي پوي.

13 بلڪ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو.

14 اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.

15 ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛

16 ۽ تون انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن لاءِ وٺين، ۽ انهن جون ڌيون پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي زناڪاري ڪن، ۽ تنهنجن پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پيروي ڪرائي زناڪار ٺهرائين.

17 تون پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ معبود جي پلٽيل مورت نہ جوڙج.

18 تون فطيري ماني جي عيد ڪندو رهج. جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج. ڇالاءِ جو ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.

19 سڀ پهريتا منهنجا آهن، ۽ تنهنجي چوپائي مال، يعني ڏاندن ۽ رڍن جا پهريان ٻچا منهنجا آهن.

20 ۽ تون گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوضي ۾ هڪڙو گهٽو يا ڇيلو ڏج، پر جي انهي جو عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهي جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏج. تون پنهنجن پٽن مان سڀني پهريتن جو عيوضو ڏج. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.

21 ڇهہ ڏينهن تون ڪم ڪار ڪج، پر ستين ڏينهن آرام وٺج: هر کيڙڻ وقت، ۽ لاباري وقت بہ آرام وٺج.

22 تون هفتن جي عيد ڪج، يعني ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت، ۽ وري سال جي پڇاڙيءَ ۾ فصل کڻڻ جي عيد ڪج.

23 سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند خدا، جو اسرائيل جو خدا آهي، تنهن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.

24 ڇالاءِ جو آءٌ قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، ۽ تنهنجون حدون وڌائيندس؛ ۽ جڏهن تون سال ۾ ٽي ڀيرا خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيندين، تڏهن ڪوبہ ماڻهو تنهنجي زمين جي لالچ نہ ڪندو.

25 تون منهنجي قربانيءَ جو رت خميري مانيءَ سان گڏ نذراني طور پيش نہ ڪج؛ نڪي فسح جي عيد جي قرباني صبح تائين بچائي ڇڏج.

26 تون پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.

27 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اهي ڳالهيون لکي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو انهن ڳالهين موجب مون تو سان، ۽ اسرائيل سان عهد ڪيو آهي.

28 ۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.

29 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واريون ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان لٿو، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهائڻ جي ڪري سندس چهرو چمڪي رهيو آهي.

30 ۽ جڏهن هارون ۽ سڀني بني اسرائيلين موسيٰ ڏانهن نهاريو، تڏهن ڇا ڏسن تہ هن جو چهرو چمڪي رهيو آهي، ۽ سندس ويجهو وڃڻ کان ڊنا.

31 تڏهن موسيٰ انهن کي سڏ ڪيو، ۽ هارون ۽ جماعت جا سڀ سردار وٽس آيا، ۽ موسيٰ ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو.

32 پوءِ سڀ بني اسرائيل هن جي ويجهو آيا ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند کيس سينا جبل تي ٻڌايون هيون، تن بابت انهن کي حڪم ڏنائين.

33 ۽ جڏهن موسيٰ انهن سان ڳالهائي رهيو هو، تڏهن هن پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيو.

34 پر جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس حضور ۾ ويندو هو، تڏهن ٻاهر اچڻ تائين نقاب لاهي ڇڏيندو هو؛ ۽ جيڪو حڪم ملندو هوس، سو ٻاهر اچي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو.

35 ۽ بني اسرائيل موسيٰ جي چهري ڏانهن نهاريو تہ سندس چهرو چمڪي رهيو هو؛ ۽ موسيٰ جيسين وري هن سان ڳالهائڻ لاءِ اندر نہ ويندو هو، تيسين پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan