Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 33 - Sindhi Bible

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، سي هتان روانا ٿي انهي ملڪ ڏانهن وڃو، جنهن بابت مون ابرهام، اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو تہ اهو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.

2 ۽ آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان موڪليندس، ۽ آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فريزين، حوين ۽ يبوسين کي هڪالي ڪڍندس.

3 تون انهي ملڪ ۾ چڙهي وڃ، جتي کير ۽ ماکي پيئي وهي: پر آءٌ اوهان سان گڏ ڪين هلندس، ڇالاءِ جو اوهين ضدي ماڻهو آهيو، ۽ ائين نہ ٿئي جو آءٌ رستي ۾ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيان.

4 جڏهن ماڻهن اها خراب خبر ٻڌي، تڏهن ڏاڍا غمگين ٿيا؛ ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پنهنجا زيور نہ پاتا.

5 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو؛ جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو اوهان سان گڏ هلندس تہ آءٌ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري اوهين پنهنجا سڀ زيور لاهيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ ڇا ڪريان.

6 سو بني اسرائيل حريب جبل وٽ پنهنجا زيور لاهي ڇڏيا.

7 پوءِ موسيٰ تنبو کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙيو؛ ۽ انهي جو نالو جماعت وارو تنبو رکيائين. ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪو ماڻهو خداوند جو ڳولائو هو، سو انهي تنبوءَ ڏانهن ويندو هو، جو منزلگاهہ کان ٻاهر هو.

8 هاڻي جڏهن موسيٰ نڪري انهي تنبوءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تڏهن سڀيئي ماڻهو اُٿيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيهي موسيٰ جي پٺيان نهارڻ لڳو، جيسين ڪ هو انهي تنبوءَ ۾ گهڙي ويو.

9 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ انهي تنبوءَ ۾ گهڙيو، تڏهن ڪڪر جو ٿنڀ لهي اچي تنبوءَ جي در تي بيٺو، ۽ خداوند موسيٰ سان ڳالهايو.

10 ۽ سڀني ماڻهن اهو ڪڪر جو ٿنڀ تنبوءَ جي در تي بيهندو ڏٺو، ۽ سڀيئي ماڻهو اُٿيا، ۽ هر ڪنهن پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيهي سجدو ڪيو.

11 ۽ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي دوست سان ڳالهائيندو آهي، تيئن خداوند موسيٰ سان منهن سامهون ڳالهايو. پوءِ هو موٽي منزلگاهہ ۾ آيو، پر سندس خادم يشوع بن نون، جو هڪڙو جوان ماڻهو هو، سو انهي تنبوءَ مان نہ نڪتو.

12 ۽ موسيٰ خداوند کي چيو تہ ڏس، تون مون کي چوين ٿو تہ هنن ماڻهن کي وٺي وڃ: پر تو مون کي اهو ڪونہ ٻڌايو آهي تہ تون ڪنهن کي مون سان گڏ موڪليندين. انهي هوندي بہ تو فرمايو آهي تہ آءٌ توکي نالي سان سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي.

13 تنهنڪري، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ جي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ مون کي خبر پوي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي: ۽ هن قوم کي پنهنجي اُمت ڪري سمجهہ.

14 تڏهن خداوند چيو تہ منهنجي حضوري تو سان گڏجي هلندي، ۽ آءٌ توکي آرام ڏيندس.

15 ۽ هن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي حضوري اسان سان نہ هلي تہ اسان کي هتان وٺي نہ وڃ.

16 ڇالاءِ جو هاڻي ڪيئن خبر پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي، ۽ تنهنجيءَ اُمت تي آهي؟ ڇا، اهو انهي مان ڪين معلوم ٿيندو تہ تون اسان سان گڏجي هلين، جنهنڪري آءٌ ۽ تنهنجي اُمت، سڀني قومن کان ڌار ليکجون؟

17 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ جيڪي تون چوين ٿو، سو بہ آءٌ ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي مهربانيءَ جي نظر تو تي آهي، ۽ آءٌ توکي موسيٰ نالي سان سڃاڻان ٿو.

18 تڏهن موسيٰ چيو تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي پنهنجو جلال ڏيکار.

19 تڏهن هن چيو تہ آءٌ تنهنجي سامهون لنگهندي توکي پنهنجي سڀ خوبي ڏيکاريندس، ۽ آءٌ تنهنجي اڳيان خداوند جو نالو ظاهر ڪندس؛ ۽ جنهن تي فضل ڪرڻو هوندم تنهن تي فضل ڪندس، ۽ جنهن تي رحم ڪرڻو هوندم تنهن تي رحم ڪندس.

20 پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگهندين؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.

21 ۽ خداوند فرمايو تہ ڏس، هيءَ جاءِ، جيڪا منهنجي پاسي ۾ آهي، تون انهي ٽڪر تي اچي بيهہ:

22 ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت منهنجو جلال اُتان لنگهندو، تنهن وقت آءٌ توکي انهي ٽڪر جي ڦاٽ ۾ لڪائيندس، ۽ جيسين آءٌ لنگهي وڃان تيسين پنهنجي هٿ سان توکي ڍڪي ڇڏيندس؛

23 پوءِ آءٌ پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ تون مون کي پٺيرو ڏسج، پر منهنجو منهن بلڪل ڏسڻ ۾ ڪين ايندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan