خروج 32 - Sindhi Bible1 هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس. 2 تڏهن هارون کين چيو تہ جيڪي سون جون واليون اوهانجن پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن ۾ آهن، سي ڀڃي مون وٽ کڻي اچو. 3 تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا. 4 ۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو! 5 ۽ جڏهن هارون هي حال ڏٺو، تڏهن انهي جي اڳيان هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين، ۽ هارون پڙهو گهمايو تہ سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي. 6 ۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا. 7 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ 8 جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. 9 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي؛ 10 تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪو کائي، ۽ آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيان؛ پر آءٌ تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. 11 تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟ 12 ڇو مصري چون تہ هو کين ڪنهن خرابيءَ جي لاءِ ڪڍي وٺي ويو، تہ اُنهن کي جبلن ۾ ماري وجهي، ۽ کين زمين جي سطح تائين مٽائي ڇڏي؟ تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ، ۽ پنهنجيءَ اُمت تي اها مصيبت آڻڻ جي ارادي کي ڇڏي ڏي. 13 تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا. 14 تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين. 15 پوءِ موسيٰ موٽي جبل تان هيٺ لٿو، ۽ شاهديءَ جون ٻئي تختيون سندس هٿ ۾ هيون، اهي تختيون ٻنهي پاسي لکيل هيون؛ انهن جو هڪڙو پاسو بہ لکيل هو ۽ ٻيو پاسو بہ. 16 اهي تختيون خدا جون جوڙيل هيون، ۽ جيڪي مٿن لکيل هو سو خدا جو لکيل هو، ۽ تختين تي اُڪريل هو. 17 ۽ ماڻهن جيڪي رڙيون پئي ڪيون، سي جڏهن يشوع ٻڌيون، تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ منزلگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي. 18 پر موسيٰ چيو تہ اهو فتح جي رڙين جو آواز نہ آهي، ۽ نہ شڪست جي هل جو آواز آهي، پر اهو آواز جو آءٌ ٻڌان ٿو، سو ڳائڻ وارن جو آواز آهي. 19 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو منزلگاهہ جي ويجهو آيو تڏهن گابو ۽ ناچ ڏٺائين: تنهن تي موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سندس هٿ ۾ جيڪي تختيون هيون، سي کڻي اُڇلايائين، ۽ جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيائين. 20 ۽ جيڪو گابو هنن جوڙيو هو سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين، ۽ انهي کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ پکيڙيائين، ۽ اهو پاڻي بني اسرائيل کي پياريائين. 21 ۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو جو تو ههڙو گناهہ هنن جي مٿان آندو آهي؟ 22 تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ منهنجي مالڪ جي ڪاوڙ مون تي ڀڙڪو نہ کائي، تون هنن کان واقف آهين تہ هنن جو لاڙو بڇڙائي ڏانهن آهي. 23 هنن مون کي چيو تہ اسان کي اهڙا ديوتا ٺاهي ڏي، جي اسان جي رهبري ڪن؛ ڇالاءِ جو هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تنهن کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيو. 24 تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن ڪنهن وٽ سون هجي، سو اهو ڀڃي کڻي اچي؛ ۽ هنن اهو مون کي آڻي ڏنو، ۽ مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو. 25 هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابو مان نڪري ويا آهن؛ (ڇالاءِ جو هارون انهن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن): 26 تڏهن موسيٰ منزلگاهہ جي دروازي تي اچي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ جيڪو خداوند جي پاسي هجي، سو مون وٽ اچي. تڏهن لاويءَ جي فرقي جا سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا. 27 ۽ هن کين چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ترار چيلهہ سان ٻڌي منزلگاهہ ۾ هڪڙي دروازي کان ٻي دروازي تائين گشت ڪري، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري. 28 سو لاويءَ جي فرقي وارن موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو، ۽ انهي ڏينهن انهن ماڻهن مان اٽڪل ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا. 29 ۽ موسيٰ چيو تہ اڄ اوهين پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪريو، هائو، هرڪو ماڻهو پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿئي، تہ هو اڄ اوهان کي برڪت ڏئي. 30 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو، جو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اوهان هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي: هاڻي آءٌ خداوند وٽ چڙهي ٿو وڃان؛ شايد اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ڪريان. 31 پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ ويو ۽ چيائين تہ، افسوس، هنن ماڻهن هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ سون جا معبود جوڙيا اٿن. 32 هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ. 33 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي تنهن جو نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مٽائي ڇڏيندس. 34 هاڻي تون وڃ، ۽ جنهن جاءِ بابت مون توکي حڪم ڏنو آهي، اتي پنهنجيءَ قوم کي وٺي وڃ: ڏس، منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو: تنهن هوندي بہ جنهن ڏينهن آءٌ بدلو وٺندس، تنهن ڏينهن آءٌ انهن کي سندن گناهہ جي سزا ڏيندس. 35 ۽ جيڪو گابو هارون جوڙيو هو، تنهن جي جوڙڻ ڪري، خداوند انهن تي آفت آندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society