Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 3 - Sindhi Bible

1 هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.

2 اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.

3 تڏهن موسيٰ چيو تہ هاڻي آءٌ ويجهو وڃي هي وڏو نظارو ڏسان تہ ڇو هي ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.

4 ۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجهان کيس سڏي چيو تہ موسيٰ، موسيٰ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

5 تڏهن هن چيو تہ هتي ويجهو نہ اچ؛ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ڇالاءِ جو اهو هنڌ جتي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.

6 وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.

7 ۽ خداوند چيس تہ منهنجي اُمت، جا مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت مون ڏٺي آهي، ۽ سندن مقدمن جي سختيءَ جي ڪري سندن دانهن ٻڌي اٿم؛ مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي،

8 ۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،

9 فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾، سو هاڻي ڏس، بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن، سو بہ ڏٺو اٿم.

10 تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ توکي فرعون ڏانهن موڪليان تہ تون منهنجي اُمت بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.

11 تڏهن موسيٰ، خدا کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟

12 تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.

13 تڏهن موسيٰ خدا کي چيو تہ ڏس، جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ چوندوسان تہ اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تڏهن هو مون کي چوندا تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا چوان؟

14 تڏهن خدا موسيٰ کي چيو تہ آءٌ جيڪو آهيان سو آهيان. ۽ چيائينس تہ تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ جيڪو آهي تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.

15 وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.

16 هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛

17 ۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.

18 ۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.

19 ۽ مون کي خبر آهي تہ مصر جو بادشاهہ اوهان کي وڃڻ جي موڪل ڪين ڏيندو، جيسين زبردستيءَ سان وڃڻ نہ ڏي.

20 پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.

21 ۽ آءٌ هن اُمت کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس؛ ۽ جڏهن اوهين نڪرندا، تڏهن خالي هٿين ڪين نڪرندا.

22 پر اوهان جي هرڪا زال پنهنجيءَ پاڙي واريءَ کان، ۽ جيڪا سندس گهر ۾ ٽڪيل هوندي، تنهن کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري وٺندي، ۽ اهي اوهين پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي پهرائيندا، ۽ ائين مصرين کي لٽي ڇڏيندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan