خروج 29 - Sindhi Bible1 ۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج، 2 ۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج، 3 ۽ اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجهي، اها ٽوڪري انهي وهڙي، ۽ انهن گهٽن سان گڏ کڻي اچج. 4 ۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج. 5 پوءِ تون ڪپڙا کڻي هارون کي پهراڻ، ۽ ايفود وارو جبو، ۽ ايفود، ۽ سينہ بند ڍڪائج، ۽ ايفود وارو ڪاريگري سان ٺهيل ڪمربند، هن جي چيلهہ سان ٻڌج؛ 6 ۽ تون سندس مٿي تي پڳڙي رکج، ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اهو پاڪ ڇٽ رکج. 7 پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج. 8 پوءِ سندس پٽن کي اڳيان آڻج، ۽ کين پهراڻ ڍڪائج. 9 ۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج. 10 ۽ تون اهو وهڙو جماعت واري تنبوءَ جي سامهون آڻج: ۽ هارون ۽ سندس پٽ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن. 11 پوءِ تون اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ذبح ڪج. 12 ۽ تون وهڙي جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي سڱن تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ جي هيٺيان هاري ڇڏج. 13 ۽ جيڪا چرٻي آنڊن تي لڳل هجي، ۽ جيري تي جيڪو پردو هجي، ۽ بڪيون ۽ مٿن جيڪا چرٻي هجي؛ اهي سڀ کڻي قربانگاهہ تي ساڙج. 14 پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي. 15 پوءِ تون هڪڙي گهٽي کي ويجهو آڻج، ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن. 16 پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جو رت کڻي قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽارج. 17 ۽ تون گهٽي کي ٽڪر ٽڪر ڪري، ان جا آنڊا ۽ پاوا ڌوئي، انهي جي ٽڪرن ۽ سسيءَ سان گڏي رکج. 18 ۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي. 19 پوءِ تون ٻيو گهٽو آڻج؛ ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن. 20 پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏج. 21 قربانگاهہ تي پيل رت مان، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ کڻي، هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽارج. پوءِ هو پاڻ، ۽ سندس ڪپڙا، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ، ۽ انهن جا ڪپڙا پاڪ ٿيندا. 22 ۽ تون گهٽي جي چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هجي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن تي جيڪا چرٻي هجي، ۽ ساڄي ران کڻج؛ (ڇالاءِ جو اهو مخصوصيت جو گهٽو آهي)، 23 ۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ هوندي تنهن مان هڪڙي ماني، ۽ هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍج؛ 24 اهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪج. 25 پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙج: اها هڪڙي چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي. 26 ۽ تون هارون جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو ڪڍي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏج، ۽ اهو حصو تنهنجو ٿيندو. 27 ۽ تون هارون ۽ سندس پٽن جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو، جيڪو قربانيءَ لاءِ لوڏيو وڃي، ۽ کڻڻ واري قربانيءَ جي دستي، جيڪا مٿي کنئي وڃي، تن کي مخصوص ڪج. 28 اهي هارون ۽ سندس پٽن لاءِ، بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ، سندن حق ٿيندو؛ ڇالاءِ جو اها کڻڻ واري قرباني آهي، ۽ بني اسرائيل جي طرفان سندن سلامتيءَ جي قربانين مان، خداوند جي لاءِ چاڙهيل آهي. 29 ۽ هارون جا پاڪ ڪپڙا کانئس پوءِ، سندس پٽن جا ٿيندا، جن ۾ کين مسح ۽ مخصوص ڪيو وڃي. 30 جيڪو پٽ سندس جاءِ تي ڪاهن ٿيندو، سو جڏهن پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿئي، تڏهن ست ڏينهن اهي ڪپڙا پائي. 31 ۽ تون مخصوصيت واري گهٽي جو گوشت، ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ پچائج؛ 32 ۽ هارون ۽ سندس پٽ، انهي گهٽي جو گوشت، ۽ ٽوڪريءَ ۾ جيڪا ماني هجي، سا جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ويهي کائين. 33 ۽ جن شين سان ڪفارو ڪيو وڃي سي هو کائين، انهي لاءِ تہ مخصوص ۽ پاڪ ٿين. پر ڪو ڌاريو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن. 34 ۽ جيڪڏهن انهي مخصوصيت جي گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪي صبح تائين بچي پوي، تہ جيڪي بچي، سو تون باهہ سان ساڙي ڇڏج؛ اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇالاءِ جو اهو پاڪ آهي. 35 ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، تيئن تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج. ستن ڏينهن تائين تون انهن کي مخصوص ڪج. 36 ۽ تون هر روز گناهہ جي قرباني لاءِ هڪڙو وهڙو، ڪفاري طور قربان ڪج: ۽ جڏهن تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪرين، تڏهن تون انهيءَ کي صاف ڪج ۽ مٿس تيل اوتي، انهيءَ کي پاڪ ڪج. 37 ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي. 38 هاڻي جيڪا قرباني تون قربانگاهہ تي چاڙهيندين سا هيءَ آهي: هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا هميشہ چاڙهيندو رهج. 39 هڪڙو گهٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج. 40 ۽ پهرين گهٽي سان گڏ هي شيون بہ هجن، يعني ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو جو جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين پتيءَ ۾ ڳوهيل هجي، ۽ مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو، پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هجي. 41 ۽ ٻيو گهٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج، ۽ انهي سان گڏ بہ صبح وانگر کائڻ ۽ پيئڻ جي قرباني ڪج، انهي لاءِ تہ چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي. 42 اها اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني ٿيندي، جا خداوند جي حضور ۾، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ چاڙهي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان گڏبس، ۽ توسان ڳالهائيندس. 43 ۽ اتي آءٌ بني اسرائيل سان ملاقات ڪندس، ۽ تنبو منهنجي جلال جي ڪري پاڪ ٿي ويندو. 44 آءٌ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪندس، ۽ آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪندس، تہ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن ٿين. 45 آءٌ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس، ۽ انهن جو خدا ٿيندس: 46 ۽ اهي ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان؛ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society