خروج 28 - Sindhi Bible1 ۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين. 2 ۽ تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي واسطي، عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي پاڪ پوشاڪ ٺاهہ. 3 ۽ جيڪي هوشيار ماڻهو آهن، جن کي مون دانائيءَ جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ پوشاڪ ٺاهين، تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪري. 4 ۽ اها پوشاڪ جا هو ٺاهين سا هيءَ آهي: هڪڙو سينہ بند، هڪڙو ايفود، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳڙي، ۽ هڪڙو ڪمربند: ۽ هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ پاڪ پوشاڪون ٺاهين، تہ منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن. 5 ۽ هو انهيءَ لاءِ سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو وٺن. 6 ۽ هو سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو ايفود جوڙين، جنهن تي استاد ڪاريگر جو ڪم ٿيل هجي. 7 ۽ انهي کي ڪلهن وٽ ٻہ پٽيون هجن، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هجن، تہ اهو سڄو ئي يڪو ٿي پوي. 8 ۽ انهي جي مٿان جيڪو ڪمربند هجي، تنهن تي بہ انهي جهڙو ڪم ڪيل هجي، ۽ ساڳئي ٽڪر مان هجي، يعني آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان، اُستاد ڪاريگر جو ٺهيل هجي. 9 ۽ تون ٻہ سليماني پهڻ کڻي، انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪر. 10 انهن جي نالن مان ڇهہ هڪڙي پهڻ تي، ۽ ڇهہ ٻئي تي؛ سندن پيدائش جي سلسلي موجب هجن. 11 ۽ تون انهن ٻنهي پهڻن تي وينجهر جي ڪم وانگر، اسرائيل جي پٽن جا نالا اُڪرج، جيئن منڊي اُڪربي آهي؛ ۽ اهي سون جي خانن ۾ جوڙج. 12 ۽ تون اهي ٻئي پهڻ ايفود جي، ڪلهن وارين پٽين تي هڻج، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين، ۽ هارون انهن جا نالا يادگيريءَ جي لاءِ پنهنجن ٻنهي ڪلهن تي کڻي خداوند جي حضور ۾ وڃي. 13 ۽ تون سون جا خانا جوڙج: 14 ۽ نج سون جون ٻہ زنجيرون جوڙج؛ جي وٽيل رسيءَ وانگر ڪڙين سان ڳنڍيل هجن، ۽ اهي ڳنڍيل زنجيرون تون انهن خانن ۾ وجهج. 15 ۽ تون هڪڙو عدالت جو سينہ بند جوڙج، جنهن ۾ استاد ڪاريگر جو ڪم ٿيل هجي، يعني ايفود جي ڪم جهڙو هجي؛ ۽ اهو سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو جوڙج. 16 اهو چورس ۽ ٻٽو هجي، انهي جي ڊيگهہ هڪڙي گرانٺ، ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هجي. 17 ۽ تون انهي ۾ قيمتي جواهر جڙج، جن جون چار قطارون هجن: پهرين قطار، لعل، پکراج ۽ شب چراغ جي هجي. 18 ٻي قطار، زمرد، نيلم ۽ هيري جي هجي. 19 ٽين قطار، سنبلي، عقيق ۽ ياقوت جي هجي. 20 ۽ چوٿين قطار، فيروزي، سليماني پهڻ ۽ زبرجد جي هجي: اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن. 21 اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي. 22 ۽ تون انهي سينہ بند تي، وٽيل رسيءَ جهڙيون، نج سون جي ڪڙين سان ڳنڍيل زنجيرون جوڙج. 23 ۽ تون سينہ بند تي سون جا ٻہ ڇلا جوڙج، جي ٻئي سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي هجن. 24 ۽ اهي ٻہ سونيون ڪڙيدار زنجيرون، سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي انهن ٻن ڇلن ۾ وجهج. 25 ۽ انهن ڪڙيدار زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻن خانن ۾ وجهج، ۽ ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي انهي جي اڳ واري پاسي رکج. 26 ۽ تون سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، سينہ بند جو ڪنارو، جيڪو ايفود جي اندرئين پاسي ڏانهن هجي، تنهن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ وجهج. 27 ۽ تون سون جا ٻہ ٻيا ڇلا جوڙي، ايفود جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي، هيٺئين پاسي انهي جي اڳ کان، انهي جي سنڌ جي ويجهو، ايفود جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند جي مٿان وجهج. 28 پوءِ اهي سينہ بند ۽ ايفود جا ڇلا، هڪڙي آسماني ڦيٿ سان ٻڌي ڇڏج، تہ اهو ايفود جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي، ۽ سينہ بند ايفود تان هٽجي نہ وڃي. 29 ۽ هارون اسرائيل جي پٽن جا نالا پنهنجيءَ دل جي مٿان عدالت جي سينہ بند ۾ کڻي، انهي لاءِ تہ جڏهن هو پاڪ مڪان ۾ وڃي تڏهن هميشہ خداوند جي حضور ۾ اها يادگيريءَ جي هڪڙي نشاني هجي. 30 ۽ تون عدالت جي سينہ بند ۾ اوريم ۽ تميم وجهج، ۽ جڏهن هارون خداوند جي حضور ۾ وڃي، تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن، ۽ هارون هميشہ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي عدالت پنهنجيءَ دل جي مٿان کڻي. 31 ۽ تون ايفود وارو جبو سڄو آسماني رنگ جو جوڙج. 32 انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجهڻ لاءِ سوراخ هجي ۽ انهي سوراخ جي چوڌاري، گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهي لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي. 33 ۽ تون انهيءَ جي دامن جي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا ڏاڙهون جوڙج، ۽ انهن جي وچ ۾ چوڌاري سون جون گهنڊڻيون ٻڌج. 34 جيئن دامن جي چوڌاري هڪڙي سوني گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون، ۽ وري هڪڙي سوني گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون ٿي وڃي. 35 ۽ عبادت جي وقت هارون اهو پائي: ۽ جڏهن هو پاڪ مڪان ۾ خداوند جي حضور ۾ وڃي، ۽ انهي مان ٻاهر نڪري، تڏهن انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تان تہ هو مري نہ وڃي. 36 ۽ تون نج سون جي هڪڙي تختي جوڙج، ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪري ڇڏج ”خداوند جي لاءِ پاڪ.“ 37 ۽ تون اها آسماني رنگ جي ڦيٿ ۾ ٻڌي، پڳڙيءَ جي سامهون واري پاسي هڻج. 38 اها هارون جي پيشانيءَ تي رهندي، ۽ بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن ۾ جيڪي پاڪ شيون آڻيندا، تن جا ڏوهہ هارون کڻندو؛ ۽ اها هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي حضور ۾ قبول پون. 39 ۽ تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم وارو هڪڙو ڪمربند جوڙج. 40 ۽ تون هارون جي پٽن جي واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، ڪمربند، ۽ ٽوپيون جوڙج. 41 ۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن. 42 ۽ تون انهن جي لاءِ سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون جوڙج، تہ هو پنهنجو اُگهاڙو بت ڍڪين، ۽ اهي چيلهہ کان وٺي رانن تائين هجن. 43 ۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society