خروج 27 - Sindhi Bible1 ۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي. 2 ۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج. 3 ۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج. 4 تون انهيءَ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙج، ۽ ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڇلا جوڙج. 5 تون انهيءَ کي قربانگاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکج، جو ڄاري قربانگاهہ جي اڌ تائين پهچي. 6 ۽ تون قربانگاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهج. 7 اهي ڏنڊا انهن ڇلن ۾ وڌا وڃن، ۽ اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ وقت انهيءَ جي ٻنهي پاسن تي هجن. 8 تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر جوڙج؛ جهڙيءَ طرح توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ طرح تون اها جوڙج. 9 ۽ تون خيمي جو اڱڻ جوڙج: ڏکڻ واري پاسي ڏکڻ ڏانهن اڱڻ جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون قناتون هجن؛ انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي: 10 ۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ هجن، جن لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هجن؛ ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن. 11 ساڳيءَ طرح اُتر واري پاسي لاءِ بہ اهڙيون قناتون هجن، انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي، ۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ويهہ پتل جا کوپا هجن، ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن. 12 ۽ الهندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر جي لاءِ پنجاهہ هٿ ڊگهيون قناتون هجن: انهن جي لاءِ ڏهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ڏهہ کوپا هجن. 13 ۽ اُڀرندي واري پاسي اُڀرندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر پنجاهہ هٿ هجي. 14 ۽ دروازي جي هڪڙي پاسي لاءِ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن؛ انهن جي لاءِ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن. 15 ۽ ٻئي پاسي لاءِ بہ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن، انهن جي لاءِ بہ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن. 16 ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن. 17 ۽ اڱڻ جي ٿنڀن ۾ چوڌاري چانديءَ جا بند هجن، جن جا ڪنڍا چانديءَ جا، ۽ کوپا پتل جا هجن. 18 اڱڻ جي ڊيگهہ هڪ سو هٿ، ۽ ويڪر جتي ڪٿي پنجاهہ هٿ، ۽ اوچائي پنج هٿ هجي، ۽ اهو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، ۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هجن. 19 خيمي جا سڀ ٿانو سڀني ڪمن لاءِ، انهن جون ڪليون، ۽ اڱڻ جون سڀ ڪليون، پتل جون هجن. 20 ۽ تون بني اسرائيل کي حڪم ڏج، تہ روشنائي ڪرڻ لاءِ ڪٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي. 21 ۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society