Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 26 - Sindhi Bible

1 وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.

2 هرهڪ پردي جي ڊيگهہ اٺاويهہ هٿ ۽ ويڪر چار هٿ هجي، سڀيئي پردا هڪڙي ماپ جا هجن.

3 پنج پردا هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن، ۽ ٻيا پنج پردا بہ ساڳيءَ طرح پاڻ ۾ ڳنڍيل هجن.

4 ۽ جتي هي ٻئي وڏا پردا ڳنڍيا وڃن، اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي آسماني رنگ جي ڌاڳن جا ڇلا رکج، ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا ڇلا رکج.

5 پنجاهہ ڇلا هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي، ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي رکج: اهي ڇلا هڪ ٻئي جي سامهون هجن.

6 ۽ تون سون جون پنجاهہ آنڪڙيون جوڙج، ۽ انهن آنڪڙين سان، پردا هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏج؛ پوءِ يڪو خيمو تيار ٿي ويندو.

7 ۽ خيمي جي مٿان وجهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا جوڙج.

8 هرهڪ پردي جي ڊيگهہ ٽيهہ هٿ ۽ ويڪر چار هٿ هجي؛ اهي يارهن ئي پردا هڪڙي ماپ جا هجن.

9 ۽ تون پنج پردا ڌار پاڻ ۾ ڳنڍج، ۽ ڇهہ پردا ڌار ڳنڍج؛ ۽ ڇهون پردو، خيمي جي اڳ وارو، ٻيڻو ڪري ڇڏج.

10 ۽ جتي هي ٻاهريان وڏا پردا ڳنڍيا وڃن، اتي هڪڙي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي پنجاهہ ڇلا رکج، ۽ ٻئي پاسي واري وڏي پردي جي ڪناري تي بہ پنجاهہ ڇلا رکج.

11 ۽ تون پتل جون پنجاهہ آنڪڙيون انهن ڇلن ۾ وجهي، خيمي جي مٿان ڳنڍي هڪڙو ڪري ڇڏج.

12 ۽ خيمي جي پردي مان جيڪو حصو مٿان لٽڪيل هجي، يعني جيڪو اڌ پردو بچيل هجي، سو خيمي جي پٺيان ڀلي پيو لٽڪي.

13 ۽ خيمي جي پردن جي ڊيگهہ ۾ جيڪو هٿ بچيل آهي، سو ڀلي تہ خيمي جي پاسن جي مٿان، ٻنهي پاسي پيو لٽڪي، تہ خيمو ڍڪيل رهي.

14 ۽ تون گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن مان، ۽ مل ار مڇيءَ جي کلن مان، خيمي جو ڍڪ ٺاهج، جو سڀني جي مٿان هجي.

15 ۽ تون خيمي جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا تختا جوڙج، جي اُڀا بيهاريا وڃن.

16 ۽ هڪڙي هڪڙي تختي جي ڊيگهہ ڏهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي.

17 ۽ هرهڪ تختي ۾ ٻہ ٻہ چوڙون هجن، جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هجن: تون خيمي جي سڀني تختن ۾ ائين ئي ڪج.

18 ۽ تون خيمي جي لاءِ تختا جوڙج، ويهہ تختا ڏاکڻي پاسي لاءِ ڏکڻ ڏانهن هجن.

19 تون انهن ويهن تختن جي هيٺان چانديءَ جا چاليهہ کوپا جوڙج. هرهڪ تختي جي هيٺان ان جي چوڙين رکڻ لاءِ ٻہ ٻہ کوپا جوڙج.

20 وري خيمي جي ٻئي پاسي، يعني اُتر واري پاسي لاءِ، ويهہ تختا هجن.

21 ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ کوپا هجن. هرهڪ تختي جي هيٺان ٻہ کوپا هجن.

22 ۽ تون خيمي جي پٺئين ڀاڱي، يعني الهندي پاسي لاءِ ڇهہ تختا جوڙج.

23 ۽ تون خيمي جي پٺئين ڀاڱي جي ڪنڊن لاءِ ٻہ تختا جوڙج.

24 اهي هيٺان ٻٽا هجن، ۽ ساڳيءَ طرح چوٽيءَ تائين اهي هڪڙي ڇلي ۾ يڪا ڳنڍيل هجن: اهي ٻئي اهڙيءَ طرح هجن، ۽ اهي ٻن ڪنڊن جي لاءِ هجن.

25 اهڙا اٺ تختا هجن، ۽ انهن جي لاءِ چانديءَ جا سورنهن کوپا هجن، هرهڪ تختي جي هيٺان ٻہ کوپا هجن.

26 ۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جا گز جوڙج؛ پنج گز خيمي جي هڪڙي پاسي وارن تختن جي لاءِ،

27 ۽ پنج گز خيمي جي ٻئي پاسي وارن تختن جي لاءِ، ۽ پنج گز خيمي جي الهندي واري، پٺئين ڀاڱي وارن تختن جي لاءِ هجن.

28 ۽ تختن جي وچ وارو گز هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پهچي.

29 ۽ تون انهن تختن تي سون جو پٽ چاڙهج، ۽ گزن جي جاين لاءِ سون جا ڇلا جوڙج، ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهج.

30 جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تنهن موجب تون خيمو کڙو ڪري بيهارج.

31 ۽ تون آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو پردو جوڙج، جنهن ۾ استاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.

32 ۽ تون انهي کي، سون سان مڙهيل ٻٻر جي ڪاٺيءَ جي چئن ٿنڀن تي ٽنگي ڇڏج: انهن جا ڪنڍا سون جا، ۽ کوپا چانديءَ جا هجن.

33 اهو پردو تون آنڪڙين جي هيٺان لٽڪائي ڇڏج، ۽ پوءِ اها شاهديءَ جي صندوق، انهي پردي جي اندر آڻي رکج: اهو پردو اوهان جي لاءِ پاڪ جاءِ، ۽ پاڪ ترين جاءِ جي وچ ۾ ٿيندو، ۽ انهن کي ڌار ڪندو.

34 ۽ تون رحمت جو پوش پاڪ ترين جاءِ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي مٿان رکج.

35 ۽ تون ميز پردي جي ٻاهران رکج، ۽ شمعدان ميز جي سامهون خيمي جي ڏکڻ واري پاسي رکج.

36 ۽ تون خيمي جي در لاءِ هڪڙو پردو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو، زردوزيءَ جي ڪم سان ٺاهج.

37 ۽ تون انهي پردي جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا پنج ٿنڀ جوڙج، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهج: انهن جا ڪنڍا سون جا هجن، ۽ تون انهن جي لاءِ پتل جا پنج کوپا پلٽي جوڙج.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan