خروج 24 - Sindhi Bible1 پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو. 2 رڳو موسيٰ خداوند جي ويجهو اچي، پر هو ويجهو نہ اچن، نڪي ٻيا ماڻهو هن سان گڏجي مٿي اچن. 3 پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين. 4 پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين. 5 ۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون. 6 ۽ موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو، ۽ ٻيو اڌ قربانگاهہ تي ڇاٽاريو 7 ۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين. 8 تڏهن موسيٰ اهو رت کڻي ماڻهن تي ڇاٽاريو ۽ چيائين تہ ڏسو، هي انهي عهد جو رت آهي، جو خداوند هنن سڀني ڳالهين بابت اوهان سان ڪيو آهي. 9 پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا. 10 ۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان. 11 ۽ بني اسرائيل جي بزرگن تي هن پنهنجو هٿ ڪين ڊگهيريو؛ ۽ هنن خدا کي ڏٺو، ۽ کاڌائون پيتائون. 12 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين. 13 تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو. 14 ۽ هن بزرگن کي چيو تہ اوهين اسان جي لاءِ هتي ترسو، جيسين ڪ اسين موٽي اوهان وٽ اچون. ڏسو هارون ۽ حور اوهان سان آهن، جنهن کي ڪو ڪم پوي تہ اهو هنن وٽ وڃي. 15 پوءِ موسيٰ جبل تي ويو، ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال سينا جبل تي رهيو. 16 ۽ ڇهہ ڏينهن ڪڪر انهي جي مٿان بيٺو هو، ۽ ستين ڏينهن هن ڪڪر منجهان موسيٰ کي سڏيو. 17 ۽ بني اسرائيل کي خداوند جي جلال جو نظارو، جبل جي چوٽيءَ تي، ساڙيندڙ باهہ وانگي ڏسڻ ۾ آيو. 18 ۽ موسيٰ ڪڪر جي وچ ۾ گهڙي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ موسيٰ جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society