خروج 23 - Sindhi Bible1 تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج. 2 گهڻن جي پيروي ڪري تون ڪابہ بڇڙائي نہ ڪج؛ نڪي ڪنهن معاملي ۾ گهڻن جو طرف وٺي ناحق ڪرڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڀرج؛ 3 نڪي ڪنهن غريب جي معاملي ۾ سندس پاس خاطري ڪج. 4 جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو ڏاند يا گڏهہ رلندو ڏسين، تہ اهو ضرور ورائي آڻي انهي کي ڏج. 5 جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسين، ۽ کيس مدد ڪرڻ جي دل نہ هجيئي، تڏهن بہ ضرور انهي جي مدد ڪج. 6 تون ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪج. 7 ڪوڙيءَ ڳالهہ کان پاڻ کي پري رکج؛ ۽ بيگناهہ ۽ راستباز کي قتل نہ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ ڪنهن بہ شرير کي سچار ڪين سمجهندس. 8 تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي. 9 تون مسافر تي ظلم نہ ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهان کي مسافر جي دل جي خبر آهي، جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا. 10 ڇهہ سال تون پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪج، ۽ انهيءَ جو فصل لاهي گڏ ڪج: 11 پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏج ۽ منجهس پوک نہ ڪج؛ انهي لاءِ تہ تنهنجيءَ قوم جا غريب کائي ڍءُ ڪن: ۽ جيڪي باقي بچائين، سو جهنگ جا ڍور چرن. تون پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪج. 12 ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين. 13 جيڪي ڳالهيون مون توکي چيو آهن، تن جي سنڀال رکج: ٻين معبودن جو نالو ئي نہ وٺج، نڪي تنهنجي واتان اهو ٻڌڻ ۾ اچي. 14 تون سال ۾ ٽي ڀيرا منهنجي لاءِ عيد ڪج. 15 فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي. 16 ۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج. 17 سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين. 18 تون منهنجي لاءِ جيڪا قرباني چاڙهين، تنهن جو رت خميري ماني سان گڏ پيش نہ ڪج؛ نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهي. 19 تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج. 20 ڏس، آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ تنهنجي نگهباني ڪري، ۽ جيڪا جاءِ مون تنهنجي لاءِ تيار ڪئي آهي تنهن ۾ توکي پهچائي. 21 اوهين انهي جي ٻڌجو ۽ سندس چيو مڃجو، هن کي غصو نہ ڏيارجو، ڇالاءِ جو هو اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو؛ ڇو تہ انهي ۾ منهنجو نالو آهي. 22 پر جي تون سچ پچ انهي جو چيو مڃيندين، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو سو سڀ بجا آڻيندين، تہ پوءِ آءٌ تنهنجن دشمنن جو دشمن، ۽ تنهنجن مخالفن جو مخالف ٿيندس. 23 ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس. 24 تون انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو نہ ڪج، نہ انهن جي عبادت ڪج، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪج، بلڪ تون انهن کي اصل ڊاهي ڇڏج، ۽ انهن جا ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏج. 25 تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪج، ۽ اهو تنهنجيءَ مانيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ برڪت وجهندو؛ ۽ آءٌ تو منجهان بيماري ڪڍي ڇڏيندس. 26 تنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن بہ زال جو حمل نہ ڪرندو، ۽ نہ ڪا سنڍ ٿيندي: آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس. 27 جن ماڻهن وٽ تون ويندين، تن سڀني جي دلين ۾ آءٌ پنهنجو خوف توکان اڳ ۾ موڪلي کين شڪست ڏيندس، ۽ تنهنجن سڀني دشمنن کي تنهنجي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس. 28 آءٌ توکان اڳ ۾ چيلاٽا موڪليندس، جي حوين، ڪنعانين ۽ حتين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندا. 29 آءٌ انهن کي هڪڙي ئي سال ۾ تنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس، متان زمين ويران ٿي پوي، ۽ جهنگ جا مرون وڌي وڃن ۽ توکي ستائين. 30 ٿورا ٿورا ڪري آءٌ اهي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، جيسين ڪ تون وڌي وڃين ۽ زمين جو وارث ٿين. 31 آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين. 32 تون انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهدنامو نہ ڪج. 33 اُهي تنهنجي ملڪ ۾ نہ رهندا، متان توکي منهنجو گنهگار ڪن؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪندين، تہ اهو ضرور تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society