خروج 22 - Sindhi Bible1 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏاند يا رڍ چورائي، ۽ انهي کي ڪهي يا وڪڻي ڇڏي، تہ اهو هڪڙي ڏاند جي عيوض پنج ڏاند، ۽ هڪڙيءَ رڍ جي عيوض چار رڍون ڀري ڏئي. 2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن چور کي کاٽ هڻندو ڏسي ماري، ۽ هو ڌڪ لڳڻ ڪري مري پوي، تہ انهي جي لاءِ مٿس خون جو ڏوهہ نہ رکيو وڃي؛ 3 پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي. 4 جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي. 5 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي. 6 جيڪڏهن باهہ لڳي ۽ اها ڀڙڪو کائي ڪنڊن کي وڃي وٺي، جنهنڪري اَن جا انبار، يا اَن جي بيٺل پوک، يا ٻني سڙي وڃي، تہ جنهن اها باهہ ٻاري هجي سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي. 7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي نقد پيسا يا ڪا جنس رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهي انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر مان چورائجي وڃن، تہ جي چور هٿ اچي تہ هو انهي کان ٻيڻو ڀري ڏئي. 8 پر جي چور هٿ نہ اچي تہ پوءِ گهر جو مالڪ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿئي، ۽ ثابت ڪري تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ ڪونہ لاتو آهي. 9 ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو. 10 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛ 11 تہ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خداوند جي قسم سان فيصلو ٿئي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي؛ ۽ انهي جو مالڪ اهو قسم قبول ڪندو، ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو. 12 پر جي هو هن وٽان چورائجي ويو هوندو، تہ پوءِ هو انهي جي مالڪ کي عيوضو ڀري ڏيندو. 13 جيڪڏهن اهو ڪنهن جانور ڦاڙي ڇڏيو هوندو، تہ اهو شاهديءَ جي لاءِ کڻي آڻي حاضر ڪري؛ پوءِ جيڪي ڦاڙيو ويو هوندو تنهن جي لاءِ عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. 14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪابہ شيءِ اُڌاري وٺندو، ۽ انهي جي مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ انهي کي ڪو ايذاءُ رسندو، يا اها مري ويندي، تہ هو ضرور انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو. 15 پر جيڪڏهن انهي جو مالڪ ساڻس گڏ هوندو، تہ پوءِ هن کي عيوضو ڀرڻو نہ پوندو. جيڪڏهن اها ڀاڙي تي آندل هجي تہ انهي جو نقصان انهي جي ڀاڙي ۾ اچي ويو. 16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪنواريءَ زال کي، جنهن جي مڱڻي ٿيل نہ هجي، ڌتاري وڃي ساڻس سمهي، تہ ضرور انهي جي لاءِ ڏاج ڏئي، تہ اها سندس زال ٿئي. 17 پر جي انهيءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين زالن جي ڏاج جيترا پئسا ڏئي. 18 تون ڪنهن جادوگر زال کي جيئرو متان ڇڏين. 19 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ اهو ضرور ماريو وڃي. 20 جيڪو هڪڙي خدا کان سواءِ ٻئي جي لاءِ قرباني ڪري، سو اصل تباهہ ڪيو وڃي. 21 تون ڪنهن مسافر کي نہ ستائج، نڪي انهي تي ڪو ظلم ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا. 22 اوهين ڪنهن بيوہ يا يتيم کي نہ ڏکوئجو. 23 جيڪڏهن تون انهن کي ڪنهن بہ طرح ڏکوئيندين ۽ اهي مون کي پڪاريندا، تہ آءٌ ضرور هنن جي پڪار ٻڌندس؛ 24 ۽ منهنجي ڪاوڙ وڌندي، ۽ آءٌ اوهان کي ترار سان ماريندس، ۽ اوهان جون زالون ۽ ٻار يتيم ٿيندا. 25 منهنجي قوم مان جيڪو تو وٽ غريب آهي تنهن کي جيڪڏهن تون ڪي پئسا اُڌارا ڏين، تہ قرض خواہ وانگر انهي کان ڇڪ نہ ڪج، نڪي مٿس وياج رکج. 26 جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جا ڪپڙا گروي رکين تہ سج لهڻ کان اڳ ۾ موٽائي ڏج: 27 ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان. 28 تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج. 29 تون پنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيدائش ۽ ميون جي رس مان نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪج. تون پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏج. 30 تون پنهنجن ڏاندن ۽ پنهنجين رڍن سان بہ ائين ئي ڪج: ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي؛ ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏج. 31 اوهين منهنجا پاڪ ماڻهو آهيو: تنهنڪري اوهين جهنگ جي جانورن جو ڦاڙيل گوشت متان کائو: پر اهو ڪتن کي اُڇلائي ڏجو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society