خروج 2 - Sindhi Bible1 پوءِ لاويءَ جي فرقي جي هڪڙي ماڻهوءَ، ساڳئي فرقي جي هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. 2 ۽ اها زال حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ ۽ هن ٻار کي سهڻو ڏسي، ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. 3 پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين. 4 ۽ انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسڻ لڳي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي. 5 انهيءَ وقت فرعون جي ڌيءَ درياهہ تي وهنجڻ آئي، ۽ سندس ٻانهيون درياهہ جي ڪناري تي گهمڻ لڳيون؛ ۽ هن ٻوڙن ۾ اهو کارو ڏٺو ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي موڪليائين تہ اهو کڻي اچي. 6 ۽ جڏهن هن اهو کوليو، تڏهن ٻار ڏٺائين ۽ ڏسو، ٻار روئڻ لڳو. تنهن تي هن کي مٿس ڪهل آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي. 7 تڏهن هن جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ جي تون چوين تہ آءٌ وڃي عبراني زالن مان ڪا دائي سڏي اچان، تہ اها تنهنجي لاءِ هن ٻار کي کير پياري؟ 8 ۽ فرعون جي ڌيءَ چيس تہ ڀلي وڃ. تڏهن اها ڇوڪري وڃي انهيءَ ٻار جي ماءُ کي سڏي آئي، 9 ۽ فرعون جي ڌيءَ هن کي چيو تہ هن ٻار کي کڻي وڃي منهنجي طرفان نپاءِ، آءٌ توکي انهيءَ جو اُجورو ڏينديس. سو اها زال انهيءَ ٻار کي کڻي ويئي ۽ وڃي نپايائينس. 10 پوءِ جڏهن ٻار وڏو ٿيو، تڏهن هوءَ کيس فرعون جي ڌيءَ وٽ وٺي آئي، ۽ اهو سندس پٽ ٿيو؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو موسيٰ رکيو، جو چيائين تہ مون هن کي پاڻيءَ مان ڪڍيو آهي. 11 پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن ٻاهر پنهنجن ڀائرن وٽ ويو ۽ انهن جون تڪليفون ڏٺائين؛ ۽ ڏٺائين تہ هڪڙو مصري، سندس ڀائرن مان هڪڙي عبرانيءَ کي پيو ماري. 12 تنهن تي هن هيڏانهن هوڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونهي، تڏهن انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين، ۽ واريءَ ۾ لڪائي ڇڏيائينس. 13 وري ٻئي ڏينهن جڏهن هو ٻاهر نڪتو، تڏهن ٻن عبرانين کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺائين؛ ۽ انهن مان جيڪو ناحق تي هو، تنهن کي چيائين تہ تون پنهنجي سنگتيءَ کي ڇو ٿو مارين؟ 14 هن چيو تہ ڪنهن توکي اسان جي مٿان سردار يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ تنهن تي موسيٰ ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي آهي. 15 هاڻي جڏهن فرعون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين، پر موسيٰ، فرعون جي منهن تان ٽري ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو؛ ۽ هڪڙي کوهہ وٽ وڃي ويٺو. 16 هاڻي مديان جي ڪاهن کي ست ڌيون هيون؛ ۽ اهي اتي آيون ۽ پنهنجي پيءُ جي ڍورن کي پاڻي پيارڻ لاءِ پاڻي ڪڍي حوضن ۾ ڀريائون. 17 پر ٻين ڌنارن اچي انهن کي هڪالي ڪڍيو، تڏهن موسيٰ اٿي سندن مدد ڪئي، ۽ سندن ڌڻ کي پاڻي پياريائين. 18 ۽ جڏهن هو پنهنجي پيءُ رعوايل وٽ آيون، تڏهن هن پڇين تہ اڄ اوهين ايترو جلد ڪيئن آيون آهيو؟ 19 هنن چيو تہ هڪڙي مصريءَ اسان کي ڌنارن جي هٿان ڇڏايو، ۽ وري اسان جي لاءِ پاڻي ڪڍي ڌڻ کي پياريائين. 20 تڏهن هن پنهنجين ڌيئرن کي چيو تہ اهو ماڻهو ڪٿي آهي، اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي. 21 پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني. 22 ۽ انهيءَ کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ آئون غير ملڪ ۾ مسافر آهيان. 23 ۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو. 24 ۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين. 25 ۽ خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society