Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 15 - Sindhi Bible

1 تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.

2 خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.

3 خداوند جنگي پهلوان آهي، انهيءَ جو نالو خداوند آهي.

4 هن فرعون جون گاڏيون ۽ سندس لشڪر سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ سندس چونڊيل سردار ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏي ويا آهن.

5 اونهي پاڻيءَ هنن کي ڍڪي ڇڏيو، هو پهڻ وانگي سمنڊ جي تري ۾ هليا ويا آهن.

6 اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.

7 جيڪي تنهنجي برخلاف اُٿن ٿا، تن کي تون پنهنجيءَ عظمت جي بزرگيءَ سان ڪيرائي ٿو ڇڏين؛ تون پنهنجو غضب موڪلين ٿو، ۽ اهو انهن کي بوسي جي ٻورن وانگي ساڙي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.

8 تنهنجن ناسن جي هوا سان پاڻي ڍڳ ٿي پيا، ۽ لهرون ٽڪرين وانگي اُڀيون ٿي بيٺيون؛ اونهو پاڻي سمنڊ جي وچ ۾ ڄمي بيهي رهيو.

9 دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.

10 تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.

11 اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟

12 تو پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيريو تہ زمين هنن کي ڳڙڪائي ويئي.

13 جن ماڻهن کي تو ڇڏايو، تن جي تو پنهنجيءَ رحمت سان رهبري ڪئي: تو انهن کي پنهنجيءَ طاقت سان پنهنجي پاڪ مڪان تائين پهچايو آهي.

14 قومن ٻڌو آهي ۽ ڏڪن ٿيون؛ فلستين کي خوف جي عذابن ورايو آهي.

15 انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن.

16 خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي.

17 تون انهن کي وٺي ويندين، ۽ پنهنجيءَ ميراث واري جبل تي کين وڻ وانگي لڳائيندين، يعني اها جاءِ، جيڪا اي خداوند، تو پنهنجي رهڻ جي لاءِ تيار ڪئي آهي؛ اها پاڪ ترين جاءِ، جيڪا اي خداوند، تنهنجن هٿن قائم ڪئي آهي.

18 خداوند هميشہ تائين بادشاهي ڪندو.

19 سو فرعون جا گهوڙا، سندس گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت، سمنڊ ۾ گهڙي ويا، ۽ خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو؛ پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪري ويا.

20 ۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.

21 ۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.

22 پوءِ موسيٰ اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو، ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا؛ هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا، پر پاڻي ڪونہ ڏٺائون.

23 ۽ جڏهن هو مارہ ۾ آيا، تڏهن مارہ جو پاڻي پي نہ سگهيا ڇو تہ اهو ڪوڙو هو؛ انهيءَ ڪري هن جو نالو مارہ پيو هو.

24 تڏهن ماڻهو موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چيائون تہ اسين ڇا پيئنداسين؟

25 تنهن تي هن خداوند کي پڪاريو؛ ۽ خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، سو جڏهن هن پاڻيءَ ۾ وڌو، تڏهن پاڻي مٺو ٿي پيو. اتي خداوند انهن جي لاءِ هڪڙو قانون ۽ قاعدو جوڙيو، ۽ اتي هن کين آزمايو:

26 ۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.

27 پوءِ هو ايليم ۾ آيا، جتي پاڻيءَ جا ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا؛ ۽ اتي هنن پاڻيءَ جي ڀرسان منزل ڪئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan