خروج 14 - Sindhi Bible1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2 بني اسرائيل کي چئُہ تہ پٺتي موٽن ۽ في هخيروت وٽ، مجدال ۽ سمنڊ جي وچ ۾، بعل صفون جي سامهون منزل ڪن، يعني اوهين سمنڊ جي ڪناري تي انهيءَ جي سامهون منزل ڪجو. 3 ۽ فرعون بني اسرائيل جي بابت چوندو تہ هو انهيءَ زمين ۾ ڦاسي پيا آهن؛ ۽ اهي بيابان ۾ گهيرجي ويا آهن. 4 ۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو. 5 ۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟ 6 سو هن پنهنجي گاڏي تيار ڪرائي، ۽ پنهنجا ماڻهو پاڻ سان کنيا، 7 ۽ هن ڇهہ سؤ چونڊيل جنگي گاڏيون، ۽ مصر جون ٻيون بہ گاڏيون پاڻ سان کنيو، ۽ انهن سڀني تي سردار وهاريائين. 8 ۽ خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل زبردستيءَ سان نڪري آيا هئا. 9 ۽ مصرين اُنهن جي پٺ ورتي، يعني فرعون جا سڀيئي گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ سندس سوار، ۽ لشڪر، کين اتي وڃي پهتا، جتي سمنڊ جي ڪناري تي في هخيروت وٽ، بعل صفون جي سامهون هنن منزل ڪئي هئي. 10 جڏهن فرعون ويجهو آيو، تڏهن بني اسرائيل وارن اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏٺائون تہ مصري سندن پٺيان ڪاهيندا اچن، ۽ هو ڏاڍا ڊنا: ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پڪاريو. 11 ۽ موسيٰ کي چيائون تہ مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اسان کي رڻ پٽ ۾ مرڻ جي لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو، جو اسان کي مصر مان ڪڍي آيو آهين؟ 12 اسان توکي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسان جي لاءِ هن رڻ پٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها. 13 تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا. 14 خداوند پاڻهي اوهان جي لاءِ وڙهندو، اوهين ماٺ ڪري ويٺا هجو. 15 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون منهنجي حضور ۾ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اڳتي هلن. 16 ۽ تون پنهنجي لٺ کڻ ۽ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهير، ۽ انهيءَ کي چيري ٻہ حصا ڪر؛ ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويندا. 17 ۽ ڏس آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس، ۽ هو انهن جي پٺيان پوندا، ۽ آءٌ فرعون تي، ۽ سندس ساري لشڪر تي، سندس گاڏين تي، ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس. 18 جڏهن آءٌ فرعون تي ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس، تڏهن فرعون کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. 19 پوءِ خدا جو فرشتو جيڪو اسرائيلي لشڪر جي اڳيان هلندو هو؛ سو ڦري انهن جي پٺيان هلڻ لڳو؛ ۽ ڪڪر جو ٿنڀ هنن جي اڳ کان نڪري، سندن پٺيان آيو. 20 ۽ اهو مصر جي لشڪرگاهہ ۽ اسرائيل جي لشڪرگاهہ جي وچ ۾ وڃي بيٺو: ۽ جيتوڻيڪ اتي ڪڪر ۽ اوندهہ هئي؛ تڏهن بہ رات جو انهيءَ مان سوجهرو ٿي نڪتو، ۽ ساري رات هڪڙو لشڪر ٻئي کي ويجهو نہ ويو. 21 ۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو. 22 ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويا، ۽ انهن جي ساڄي هٿ پاسي کان ۽ کاٻي هٿ پاسي کان پاڻي سندن لاءِ ڀت وانگر ٿي پيو. 23 پوءِ مصري بہ هنن جي پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ ڪاهي پيا، يعني فرعون جا سڀ گهوڙا ۽ گاڏيون ۽ سوار. 24 ۽ صبح جو سوير هيئن ٿيو، جو خداوند باهہ جي ۽ ڪڪر جي ٿنڀ منجهان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو، ۽ مصرين جي لشڪر کي پريشان ڪيائين. 25 هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو. 26 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهير تہ پاڻي موٽي مصرين تي، ۽ سندن گاڏين تي، ۽ سندن گهوڙي سوارن تي اچي. 27 تڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو، ۽ صبح ٿيڻ شرط سمنڊ پنهنجي اصلوڪي زور تي اچي بيٺو، ۽ مصري انهيءَ ۾ ڀڄڻ لڳا، پر خداوند مصرين کي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. 28 يعني پاڻي موٽي آيو، ۽ گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار، ۽ فرعون جو سارو لشڪر، جو هنن جي پٺيان ڪاهي آيو هو، تنهن کين ٻوڙي ڇڏيو؛ ۽ منجهانئن هڪڙو بہ ڪونہ بچيو. 29 پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو. 30 اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو، ۽ اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو. 31 اهو وڏو معجزو، جو خداوند مصرين تي ڪيو، سو اسرائيل ڏٺو ۽ ماڻهو خداوند کان ڊنا؛ ۽ هنن خداوند تي، ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ايمان آندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society