Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 11 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙي آفت آءٌ فرعون تي ۽ مصر تي آڻيندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، ۽ جڏهن هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو، تڏهن پڪ آهي تہ هو اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو.

2 تون هاڻي وڃي پنهنجن ماڻهن کي چئُہ تہ سڀ ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان، ۽ سڀ ڪا زال پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گهري وٺي.

3 ۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.

4 پوءِ موسيٰ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آڌيءَ رات ڌاري آءٌ نڪري مصر جي ملڪ مان لنگهندس،

5 ۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا.

6 ۽ مصر جي ملڪ ۾ اهڙو ماتم مچي ويندو، جهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو، نہ هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.

7 پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو: انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ خداوند مصرين ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ ڪهڙو فرق ٿو ڪري.

8 ۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.

9 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ منهنجا عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ گهڻا ٿين.

10 ۽ موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ عجيب ڪم فرعون کي ڏيکاريا، پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan