Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 1 - Sindhi Bible

1 هاڻي اسرائيل جا پٽ، جي مصر مان آيا، تن جا نالا هي آهن، سڀ ڪو پنهنجي خاندان سوڌو يعقوب سان گڏجي آيو.

2 روبن، شمعون، لاوي، يهوداہ،

3 اشڪار، زبولون، بنيمين،

4 دان، نفتالي، جد ۽ آشر.

5 سڀيئي ٻار جي يعقوب مان پيدا ٿيا هئا سي ستر ڄڻا هئا؛ ۽ يوسف اڳيئي مصر ۾ هو.

6 پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.

7 پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.

8 پوءِ مصر تي هڪڙو نئون بادشاهہ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو يوسف کي ڪونہ سڃاڻندو هو.

9 انهيءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گهڻي وڌي ويئي آهي.

10 تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.

11 سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.

12 پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.

13 تڏهن هو بني اسرائيلين کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا:

14 ۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.

15 پوءِ مصر جي بادشاهہ عبراني داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو فوعہ هو؛

16 ۽ کين حڪم ڏيئي چيائين تہ جڏهن اوهين عبراني زالن کي ويم ڪرايو، تڏهن ويم جي هنڌ تي نگاهہ رکجو، جي پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو، ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.

17 پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن مصر جي بادشاهہ حڪم ڏنو هون، تيئن نہ ڪيائون: ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيائون.

18 تڏهن مصر جي بادشاهہ داين کي پاڻ وٽ گهرائي کين چيو تہ اوهان ڇو اهڙو ڪم ڪيو، ۽ ڇو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيو اٿوَ.

19 تنهن تي داين فرعون کي چيو تہ عبراني زالون، مصري زالن جهڙيون نہ آهن، هو همت واريون آهن، ۽ داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪيو ڇڏين.

20 انهيءَ ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي؛ ۽ اهي ماڻهو وڌندا ۽ زور وارا ٿيندا ويا.

21 ۽ هيئن ٿيو تہ داين کي جو خدا جو خوف هو، تنهنڪري هن سندن گهر آباد ڪيا.

22 پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan