آستر 7 - Sindhi Bible1 پوءِ بادشاهہ ۽ هامان راڻيءَ آستر سان گڏ ماني کائڻ جي لاءِ آيا. 2 ۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي. 3 تڏهن راڻيءَ آستر ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بادشاهہ جي مون تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي، تہ منهنجي جان منهنجي عرض ڪرڻ تي، ۽ منهنجي قوم منهنجي سوال ظاهر ڪرڻ تي مون کي ڏني وڃي: 4 ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها. 5 تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي چيو تہ اُهو ڪير آهي، ۽ ڪٿي آهي، جو جرئت ڪري پنهنجي دل ۾ ائين ڪرڻ گهري ٿو؟ 6 ۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو. 7 ۽ بادشاهہ شراب جي مجلس مان ڪاوڙ ۾ اُٿيو ۽ محلات جي باغ ۾ ويو، ۽ هامان اُٿي راڻيءَ آستر کي پنهنجي جيئدان ملڻ لاءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ بادشاهہ کيس نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي. 8 پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو. 9 تڏهن بادشاهہ جي اڳيان بيٺل ناظرن مان هڪڙي خربوناہ چيو تہ ڏس، تہ پنجاهہ هٿ ڊگهي سوري، جا هامان مردڪئيءَ جي لاءِ جوڙائي آهي، جنهن مردڪئي بادشاهہ جي لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهہ ڪئي، سا هامان جي گهر ۾ بيٺي آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ انهيءَ تي هن کي وڃي لٽڪايو. 10 تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society