آستر 5 - Sindhi Bible1 هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو. 2 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ راڻي آستر کي ايوان ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن سندس نظر ۾ ڏاڍو مانُ لڌو: ۽ بادشاهہ سوني لٺ، جا هٿ ۾ هيس سا کڻي آستر ڏانهن جهليائين. تڏهن آستر ويجهو اچي لٺ جي چوٽيءَ کي هٿ لاتو. 3 تڏهن بادشاهہ چيس تہ راڻي آستر، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ جي اڌ بادشاهت کڻي گهرين تہ بہ توکي ڏني ويندي. 4 آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي نظر ۾ مناسب هجي، تہ اڄ جيڪا مهماني سندس لاءِ مون تيار ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ ۽ هامان اچن. 5 تڏهن بادشاهہ چيو تہ هامان کي سعيو ڪريو تہ جلدي ڪري، ۽ جيئن آستر چيو آهي تيئن ڪري. نيٺ بادشاهہ ۽ هامان انهيءَ مهمانيءَ تي آيا جا آستر تيار ڪئي هئي: 6 ۽ بادشاهہ شراب پيئڻ مهل آستر کي چيو تہ تنهنجو عرض ڪهڙو آهي تہ اهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ بادشاهت جي اڌ تائين بہ اُهو پورو ڪيو ويندو. 7 تڏهن آستر ورندي ڏيئي چيو تہ منهنجو عرض ۽ منهنجو سوال هي آهي؛ 8 تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس. 9 تڏهن انهيءَ ڏينهن هامان سرهو ۽ خوش دل ٿي هليو ويو: پر جڏهن هامان مردڪئي کي بادشاهہ جي دروازي تي ڏٺو، ۽ هو کيس ڏسي نڪي اُٿيو نڪي چُريو، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙيو. 10 انهيءَ هوندي بہ هامان پاڻ کي روڪيو، ۽ گهر هليو ويو؛ ۽ ماڻهو موڪلي پنهنجن دوستن کي، ۽ پنهنجيءَ زال زرش کي گهرايائين. 11 ۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو. 12 ۽ هامان هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ، جيڪا مهماني راڻي آستر ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ سان گڏ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ سڏيو اٿس؛ پر اُنهيءَ سڀاڻي بہ مون کي بادشاهہ سان گڏ سڏيو آهي. 13 تڏهن بہ ايتري مان مون کي ڪجهہ بہ حاصل نہ آهي، جيستائين آءٌ مردڪئي يهوديءَ کي بادشاهہ جي در تي ويٺل ٿو ڏسان. 14 تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society