Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

آستر 4 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:

2 بلڪ هو بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان بہ آيو: ڇالاءِ جو ڪنهن کي کٿو ڍڪي بادشاهہ جي دروازي اندر لنگهي اچڻ جو حڪم نہ هو.

3 ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي جتي بادشاهہ جو حڪم ۽ پروانو آيو، اُتي بہ ڏاڍو ماتم پئجي ويو، ۽ انهن روزا رکيا، ۽ رُنو، ۽ دانهون ڪيون؛ ۽ گهڻا کٿن ۾ ۽ خاڪ تي ويهڻ لڳا.

4 ۽ آستر جي سهيلين ۽ سندس ناظرن کيس اها ڳالهہ اچي ٻڌائي؛ ۽ راڻي کي ڏاڍو ڏک ٿيڻ لڳو: ۽ هن ڪپڙا موڪليا تہ مردڪئي تان کٿو لهرائي اُهي ڍڪائينس؛ پر هن اُهي نہ ورتا.

5 تڏهن بادشاهہ جي ناظرن مان هڪڙو، هتاڪ، جنهن کي بادشاهہ راڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن کي آستر سڏائي حڪم ڏنو تہ مردڪئي وٽ وڃي کانئس خبر وٺ تہ هي ڇا آهي، ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟

6 اُن موجب هتاڪ شهر جي ڪشادي ميدان ۾، ۽ بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان، مردڪئي وٽ ويو.

7 ۽ مردڪئي جيڪي ٿي گذريو هو، سو هن کي ٻڌايو، ۽ يهودين کي ناس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي بِلي جيترن پئسن جي رقم بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏيڻ جو هامان انجام ڪيو هو، سو بہ پوريءَ طرح ٻڌايائينس.

8 بلڪ لکيل حڪم، جو هنن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن ۾ پڌرو ڪيو ويو هو، تنهن جو نقل بہ ڏنائينس تہ آستر کي ڏيکاري ۽ احوال بيان ڪري ٻڌائي؛ ۽ تاڪيد ڪريس تہ بادشاهہ وٽ وڃي منٿ آزي ڪري، ۽ پنهنجي قوم جي پاران سندس حضور ۾ عرض احوال ڪري.

9 پوءِ هتاڪ اچي آستر کي مردڪئي جون ڳالهيون ٻڌايون.

10 تڏهن آستر هتاڪ کي مردڪئي ڏانهن پيغام ڏيئي موڪليو تہ:

11 بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.

12 ۽ آستر جي اها ڳالهہ مردڪئي کي وڃي ٻڌايائون.

13 تڏهن مردڪئي انهن ماڻهن کي چيو تہ آستر کي هيءَ ورندي وڃي ڏيو، تہ تون پاڻ اهڙو ڀروسو متان ڪرين، تہ جيڪي ٻين يهودين سان ٿيڻو آهي، تنهن کان بادشاهہ جي گهر ۾ تون ڇُٽي ويندينءَ.

14 ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟

15 تڏهن آستر هنن کي چيو تہ مردڪئي کي هيءَ ورندي ڏجو تہ

16 جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.

17 تڏهن مردڪئي هليو ويو ۽ جيئن آستر حڪم ڏنو هوس، تيئن ڪيائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan