آستر 3 - Sindhi Bible1 انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين. 2 ۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين. 3 تڏهن بادشاهہ جا ملازم، جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، تن مردڪئيءَ کي چيو تہ ڇو تون بادشاهہ جي حڪم کان ٻاهر ٿو وڃين؟ 4 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن هن کي ڏهاڙي ائين چيو، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ ٻڌي، تڏهن هنن هامان کي ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسن تہ مردڪئي جي ڳالهہ بيهي ٿي يا نہ: ڇالاءِ جو هن چيو هون تہ آءٌ يهودي آهيان. 5 ۽ جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان نہ جهڪيو ۽ نہ کيس تعظيم ڏنائين، تڏهن هامان ڏاڍو ڪاوڙيو. 6 پر رڳو مردڪئي سان دست درازي ڪرڻ هن حقارت جهڙي ڳالهہ ٿي ڄاتي؛ ڇالاءِ جو هنن ٻڌايو هوس تہ مردڪئي جي قوم ڪهڙي آهي: تنهنڪري هامان جي مرضي هئي تہ جيڪي بہ يهودي اخسويرس جي سڄيءَ بادشاهت ۾ آهن تن سڀني کي، يعني مردڪئي جي قوم کي، ناس ڪري. 7 بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا. 8 ۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي. 9 جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين. 10 تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني. 11 ۽ بادشاهہ هامان کي چيو تہ اها چاندي بہ توکي ڏني ٿي وڃي ۽ اُهي ماڻهو بہ، جيئن توکي وڻي تيئن انهن سان ڪر. 12 تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي. 13 ۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن. 14 انهيءَ حڪم جو نقل، تہ اهو پروانو هرهڪ پرڳڻي ۾ ڏنو وڃي، سو سڀني قومن ۾ پڌرو ڪرايو ويو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ٺهرايل ڏينهن لاءِ تيار رهن. 15 بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society