Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

آستر 10 - Sindhi Bible

1 بادشاهہ اخسويرس انهيءَ زمين تي، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن تي، ڍل مقرر ڪئي.

2 ۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

3 ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan