Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

آستر 1 - Sindhi Bible

1 هاڻي اخسويرس (هي اهو اخسويرس آهي جنهن هندوستان کان وٺي ڪوش تائين هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪئي) تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو:

2 تہ جڏهن انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اخسويرس پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جو سوسن جي محلات ۾ هو،

3 تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا:

4 تڏهن هن گهڻن ڏينهن تائين، يعني هڪ سؤ اسي ڏينهن تائين، وڏي بادشاهت جي دولت، ۽ پنهنجي وڏي عظمت ۽ عزت پئي ڏيکاري.

5 جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن جيڪي ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، سوسن جي محلات ۾ حاضر هئا، تن جي بادشاهہ جي محلات جي باغ جي ايوان ۾ هن ستن ڏينهن تائين مهماني ڪئي؛

6 اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.

7 ۽ انهن کي سونن باسڻن ۾ (جي باسڻ هڪ ٻئي کان علحدي قسم جا هئا) ٿي پياريائون؛ ۽ شاهي شراب، بادشاهہ جي سخاوت موجب، بي انداز هو.

8 ۽ اُهو پيئڻ بہ قاعدي موجب هو؛ ڪوبہ زور ڪري نہ ٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ پنهنجي گهر جي سڀني عملدارن کي اهڙو حڪم ڏنو هو تہ سڀ ڪم هر ڪنهن ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪن.

9 ساڳيءَ طرح راڻي وشتي، جيڪو شاهي گهر بادشاهہ اخسويرس جو هو، تنهن ۾ زالن جي مهماني ڪئي.

10 ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،

11 تہ راڻيءَ وشتيءَ کي شاهي تاج سان وٺي اچو، تہ عام ماڻهن کي، ۽ اميرن کي پنهنجو حسن ڏيکاري، ڇالاءِ جو اُها خوبصورت هئي.

12 پر راڻيءَ وشتيءَ بادشاهہ جي حڪم تي ناظرن سان اچڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ڪاوڙ منجهس ڏاڍي جوش واري ٿيڻ لڳي.

13 تڏهن بادشاهہ انهن ڏاهن ماڻهن کي چيو، جي وقت کي سڃاڻندا هئا، (ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو قاعدو ۽ حڪم ڄاڻندا هئا، تن سان بادشاهہ جي هلت اهڙي ئي هوندي هئي؛

14 ۽ جن جو بادشاهہ کان ٻيو درجو هو، ۽ ڪارشينا، ستار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان، جي فارس ۽ مادي جا ست امير، جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، ۽ بادشاهت ۾ اول درجي تي ويهندا هئا:)

15 تہ اسين راڻيءَ وشتيءَ سان قاعدي موجب ڇا ڪريون، ڇالاءِ جو هن بادشاهہ اخسويرس جو حڪم ناظرن جي وسيلي، بجاءِ نہ آندو آهي؟

16 تڏهن مموڪان بادشاهہ جي ۽ اميرن جي اڳيان ورندي ڏيئي چيو تہ راڻيءَ وشتيءَ نہ رڳو بادشاهہ جو قصور ڪيو آهي، پر سڀني اميرن جو ۽ سڀني ماڻهن جو بہ، جي بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن.

17 ڇالاءِ جو راڻيءَ جي انهي ڪم جي خبر سڀني زالن کي پوندي، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جا مڙس سندن نظر ۾ حقارت جهڙا ٿيندا، ۽ انهيءَ وقت ائين چوڻ ۾ ايندو تہ جڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻيءَ وشتيءَ کي حڪم ڏنو تہ سندس اڳيان اچي، تڏهن هوءَ نہ آئي.

18 ۽ اڄوڪي ڏينهن فارس ۽ مادي جي جن اميرزادين راڻيءَ جي انهيءَ ڪم جي ڳالهہ ٻڌي آهي، سي بادشاهہ جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري گهڻي نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيندي.

19 جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي.

20 ۽ جڏهن بادشاهہ جو اهو جاري ڪيل حڪم سندس سڄيءَ بادشاهت ۾ پڌرو ڪيو ويندو (ڇالاءِ جو اُها بادشاهت وڏي آهي) تڏهن سڀ زالون پنهنجن مڙسن کي عزت ڏينديون، وڏيون توڙي ننڍيون.

21 ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ ۽ اميرن کي پسند آئي؛ ۽ بادشاهہ، مموڪان جي چوڻ موجب ڪيو:

22 ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan