اِفسين 6 - Sindhi Bible1 اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي. 2 ”پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي عزت ڏي،“ (اهو پهريون حڪم آهي جنهن سان واعدو شامل آهي) 3 ”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“ 4 اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو. 5 اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛ 6 ۽ ماڻهن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاهري ڏيک جي لاءِ نوڪري نہ ڪريو؛ پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو؛ 7 ۽ دل جي شوق سان خدمت ڪريو؛ ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻهن جي: 8 جو اوهين ڄاڻو ٿا تہ ماڻهو جهڙو بہ ڪم ڪندو، تهڙو ئي خداوند کان اجر ملندس، پوءِ کڻي غلام هوندا يا آزاد. 9 ۽ اي مالڪو، اوهين بہ دڙڪو تاب ڇڏي هنن سان ساڳي اهڙي هلت ڪريو: جو ڄاڻو ٿا تہ هنن جو توڙي اوهان جو ڌڻي آسمان ۾ آهي، ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ڪندو آهي. 10 پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو. 11 خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ شيطان جي منصوبن سان مقابلو ڪري سگهو. 12 ڇالاءِ جو اسين گوشت ۽ رت سان جنگ نٿا ڪريون، پر رياستن ۽ طاقتن، ۽ انهن اونداهيءَ واريءَ دنيا جي حاڪمن سان، ۽ آسماني جاين وارن خراب روحاني لشڪرن سان ٿا وڙهون. 13 تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ خراب ڏينهن ۾ مقابلو ڪري سگهو، ۽ سڀ ڪم پورا ڪري قائم رهي سگهو. 14 تنهنڪري سچ جو سندرو ٻَڌي، ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو زرهہ ڍڪيو، 15 ۽ پيرن ۾ صلح جي خوشخبريءَ جي تياريءَ جي جُتي پايو؛ 16 ۽ انهن سان گڏ ايمان جي ڍال بہ کڻو، جنهن سان اوهين انهي بدڪار جا سڀ ٻرندڙ تير اُجهائي سگهندا. 17 ۽ نجات جو ٽوپ ۽ روح جي ترار، يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو؛ 18 ۽ هر وقت ۽ هر طرح سان روح ۾ دعا ۽ منٿ ڪندا رهو، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن جي لاءِ اورچ ٿي دعا گهُرندا ۽ جاڳندا رهو، 19 ۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛ 20 جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي. 21 تخڪس، جو پيارو ڀاءُ ۽ خداوند ۾ ايماندار خادم آهي، سو اوهان کي منهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ آئون ڪيئن ٿو گذاريان. 22 اُنهي کي مون اوهان ڏانهن انهي ڪم لاءِ موڪليو آهي تہ اسان جي حالت جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهانجين دلين کي تسلي ڏئي. 23 خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي. 24 شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society