Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

اِفسين 5 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو:

2 ۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.

3 پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.

4 بي شرمي، اجائي بَڪ بَڪ، يا چرچي بازي، جي نالائقي جهڙيون ڳالهيون آهن، اوهان ۾ نہ هئڻ کپن، پر اُٽلو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.

5 پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.

6 متان ڪو ماڻهو اوهان کي اجاين ڳالهين ڪرڻ سان ٺڳي وڃي، ڇالاءِ جو اهڙن گناهن ڪري نافرمانيءَ جي فرزندن تي خدا جو غضب نازل ٿو ٿئي.

7 تنهنڪري اوهين انهن جا شريڪ نہ ٿيو؛

8 ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،

9 (ڇالاءِ جو روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائيءَ ۽ راستبازيءَ ۽ سچائيءَ ۾ آهي،)

10 ۽ آزمودي سان معلوم ڪندا رهو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي؛

11 ۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛

12 ڇالاءِ جو جيڪي ڪم هو ڳجهہ ڳوهہ ۾ ٿا ڪن، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم آهي.

13 پر جن ڳالهين تي ڦٽڪار ڪرڻ ۾ اچي ٿي، سي روشنيءَ جي ڪري ظاهر ٿيو پون: ڇالاءِ جو جيڪا بہ شيءِ ظاهر ڪئي ٿي وڃي، سا روشن ٿي ٿئي.

14 تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“

15 تنهنڪري خبردار ٿيو تہ ڪيئن ٿا هلو، نہ نادانن وانگر پر دانائن وانگر هلو.

16 وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.

17 تنهنڪري اوهين بيوَقوف نہ ٿيو، پر خداوند جي مرضي سمجهو تہ ڪهڙي آهي.

18 ۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛

19 ۽ اوهين پاڻ ۾ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو ۽ پنهنجي دل سان خداوند جي لاءِ ڳايو ۽ وڄايو.

20 ۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛

21 ۽ مسيح جي خوف ڪري هڪ ٻئي جي تابع رهو.

22 اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.

23 ڇالاءِ جو مڙس زال جو سر آهي، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا جو سر آهي، جو هو پاڻ بدن جو بچائيندڙ آهي.

24 پر جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ کپي.

25 اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛

26 انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،

27 ۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.

28 ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري:

29 ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن پنهنجي جسم کي نہ ڌڪاريو؛ بلڪ انهي کي پالي ٿو ۽ انهي جي پرورش ٿو ڪري، جهڙيءَ طرح ڪ مسيح ڪليسيا کي ٿو پالي؛

30 ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،

31 ”انهي سبب ماڻهو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏيندو ۽ پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ هو ٻئي هڪ جسم ٿيندا.“

32 اِهو هڪڙو وڏو راز آهي: پر آئون مسيح ۽ ڪليسيا جي نسبت ۾ ٿو چوان.

33 مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan