اِفسين 3 - Sindhi Bible1 انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان – 2 شايد ائين آهي تہ جيڪو خدا جو فضل اوهان جي لاءِ مون تي ٿيو، تنهن بابت اوهان ٻُڌو هوندو؛ 3 تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي، 4 ۽ جنهن جي پڙهڻ مان اوهين سهي ڪري ٿا سگهو تہ ڪيتري قدر مسيح جو راز آئون سمجهان ٿو، 5 جو ٻين زمانن ۾ بني آدم کي ايتري قدر معلوم نہ ٿيو، جيتري قدر هاڻ سندس پاڪ رسولن ۽ نبين تي روح جي وسيلي پڌرو ٿيو آهي؛ 6 يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن. 7 ۽ آئون خدا جي فضل جي بخشش موجب انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ڪيو ويس، جا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي هئي. 8 آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛ 9 ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان، تہ سڀني شين جي خالق ۾ ازل کان جو راز پوشيدو هو، تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي؛ 10 انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، 11 انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو: 12 جنهن ۾ اسان کي مٿس ايمان آڻڻ ڪري دليري ٿي ملي، ۽ خاطري سان خدا تائين پهچ اٿئون. 13 تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن. 14 انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان، 15 جنهن جي نالي آسمان ۾ ۽ زمين جي سڀ ڪنهن خاندان کي نالو ٿو ملي، 16 تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛ 17 ۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي، 18 ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سميت پوريءَ طرح سمجهي سگهو تہ سندس محبت جي ويڪرائي، ڊگهائي، اوچائي ۽ اونهائي ڪيتري آهي، 19 ۽ مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻو جا سمجهہ کان ٻاهر آهي، انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو. 20 هاڻي جيڪو اهڙو قادر آهي جو اسان ۾ پنهنجي قدرت جي اثر موجب، اسان جي گهُرڻ يا خيال کان گهڻو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو سگهي، 21 تنهن جو جلال ڪليسيا ۾ ۽ مسيح يسوع ۾، پشت بپشت ۽ هميشہ تائين رهي. آمين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society