واعظ 9 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو هي سڀ ڳالهيون مون پنهنجي دل سان هنڊايون، رڳو انهي لاءِ تہ انهن سڀني جي حقيقت معلوم ڪريان؛ ۽ اها هيءَ آهي تہ سچا ۽ ڏاها ماڻهو، ۽ سندن ڪم، خدا جي هٿ ۾ آهن: اها محبت آهي يا عداوت آهي، تنهن جي ماڻهوءَ کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ سڀ ڪجهہ هن جي اڳيان آهي. 2 سڀ ڳالهيون سڀني تي هڪ جهڙيون اچن ٿيون: ساڳي هڪڙي حالت سچي سان بہ لاڳو آهي، ۽ شريرن سان بہ؛ چڱي سان بہ، ۽ پاڪ سان بہ؛ جيڪو قرباني ڪري ٿو تنهن سان بہ، ۽ جيڪو قرباني نٿو ڪري تنهن سان بہ: جهڙو نيڪ آهي، تهڙو گنهگار: جهڙو قسم کڻندڙ آهي، تهڙو اُهو جو قسم کان ڊڄي ٿو. 3 سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو. 4 ڇالاءِ جو جيڪو سڀني جيئرن سان گڏيل آهي، تنهن جي لاءِ اُميد آهي: ڇالاءِ جو جيئرو ڪتو مئي شينهن کان بهتر آهي. 5 جيئرا ڄاڻن ٿا تہ اسين مرنداسين: پر مئل ڪجهہ بہ نٿا ڄاڻن، ۽ نہ اُنهن کي وري ڪو بدلو ملڻو آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي يادگيري بہ ڪانہ ٿي رهي. 6 انهن جي محبت، توڙي انهن جي عداوت، توڙي انهن جو حسد گم ٿي وڃي ٿو، نڪي جيڪي سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي تنهن مان ڪڏهن بہ وري اڳتي انهن کي ڪو حصو ملي ٿو. 7 پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن. 8 تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي. 9 جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي. 10 جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي. 11 آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي. 12 ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي. 13 مون سج هيٺان ڏاهپ بہ انهي طرح ڏٺي، ۽ اُها مون کي وڏي ڏسڻ ۾ آئي: 14 هڪڙو ننڍو شهر هو ۽ انهيءَ ۾ ٿورا ماڻهو هئا؛ ۽ هڪڙو وڏو بادشاهہ انهي تي چڙهي آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين، ۽ انهي جي سامهون وڏا دمدما ٻڌائين: 15 هاڻي انهي ۾ هڪڙو غريب ڏاهو ماڻهوءَ هٿ آيو، ۽ انهي پنهنجي ڏاهپ سان انهي شهر کي بچايو؛ انهي هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ انهي غريب ماڻهو جي يادگيري ڪانہ ڪئي. 16 تڏهن مون چيو تہ ڏاهپ زور کان بهتر آهي: انهي هوندي بہ غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ تي حقارت ظاهر ڪرڻ ۾ اچي ٿي، ۽ هن جي ڳالهہ ڪوبہ ڪونہ ٿو ٻڌي. 17 جيڪو بي عقلن ۾ حڪومت ٿو ڪري تنهنجي هڪل کان، ڏاهي ماڻهوءَ جي آرام سان ڪيل ڳالهہ وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي. 18 ڏاهپ جنگ جي هٿيارن کان بهتر آهي: پر هڪڙو ئي گنهگار گهڻي چڱائي چٽ ڪيو ڇڏي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society