Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

واعظ 8 - Sindhi Bible

1 ڏاهي ماڻهوءَ جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي سمجهاڻي ڪير ٿو ڄاڻي؟ ماڻهوءَ جي ڏاهپ هن جو منهن چمڪائي ٿي، ۽ هن جي منهن جي سختي مٽجي وڃي ٿي.

2 آءٌ توکي نصيحت ٿو ڏيان تہ بادشاهہ جو حڪم خدا جي قسم وانگر بجاءِ آڻ.

3 هن جي حضوريءَ مان تڪڙو ٿي نڪري نہ وڃ؛ خراب ڪم وري وري نہ ڪر: ڇالاءِ جو هن کي جيڪي وڻي ٿو سو ڪري ٿو.

4 ڇالاءِ جو بادشاهہ جي حڪم کي طاقت آهي؛ ۽ ڪير هن کي چئي سگهندو تہ تون هي ڇا ٿو ڪرين؟

5 جيڪو حڪم بجاءِ آڻيندو، تنهن کي ڪا خرابي نہ رسندي: ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي دل وقت ۽ انصاف معلوم ڪري ٿي:

6 ڇالاءِ جو هر ڪم واسطي وقت ۽ انصاف آهي: ۽ ماڻهوءَ جي مصيبت مٿس وڏي آهي:

7 هن کي خبر ناهي تہ ڇا ٿيندو؛ ڇالاءِ جو ڪير هن کي چئي سگهندو تہ ڪيئن اهو ٿيندو؟

8 اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جنهن کي روح تي ايترو اختيار آهي تہ روح کي روڪي؛ يا مرڻ جي ڏينهن تي اختيار رکي؛ انهيءَ جنگ ۾ ڇوٽڪارو ڪونهي: جيڪو موت لاءِ مقرر آهي شرارت انهي کي ڪين ڇڏائيندي.

9 هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.

10 ۽ انهي سان گڏ مون شريرن کي دفن ٿيندو ڏٺو، ۽ اُهي قبر ۾ ويا؛ ۽ جن چڱا ڪم ڪيا هئا سي پاڪ مڪان مان هليا ويا، ۽ شهر مان ڀلجي ويا: اها بہ بيهودگي آهي.

11 ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.

12 جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:

13 پر شريرن جو ڀلو نہ ٿيندو، نڪي انهن جي عمر جا ڏينهن گهڻا ٿيندا، جي پاڇي وانگر آهن؛ ڇالاءِ جو هو خدا جي اڳيان خوف نٿو رکي.

14 هڪڙو بيهودو ڪم آهي جو زمين تي ڪرڻ ۾ ٿو اچي؛ اُهو هي آهي تہ ڪي اهڙا سچا ماڻهو آهن جن جو شريرن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي؛ وري ڪي اهڙا شرير ماڻهو آهن، جن جو سچن جي ڪمن جهڙو حال ٿو ٿئي: مون چيو اها بہ بيهودگي آهي.

15 تنهن کان پوءِ مون خوشيءَ جي تعريف ڪئي، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي لاءِ سج هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ ۽ خوش ٿيڻ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي: ڇالاءِ جو سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، جي خدا هن کي سج هيٺان ڏنا آهن، تن ۾ اها ئي هن سان رهندي.

16 جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):

17 تڏهن مون خدا جو اُهو سڀ ڪم ڏٺو، ۽ ڄاتم تہ جيڪو ڪم سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي سو ماڻهو معلوم ڪري نہ سگهندو: ڇالاءِ جو ماڻهو انهي جي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪيترو بہ مٿو هڻندو، تہ بہ انهي کي سمجهي نہ سگهندو؛ هائو، جيتوڻيڪ ڏاهو ماڻهو انهي جي ڄاڻڻ جو خيال ڪندو، تہ بہ هو انهي کي معلوم ڪري نہ سگهندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan