Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

واعظ 7 - Sindhi Bible

1 نيڪنامي قيمتي خوشبودار تيل کان بهتر آهي؛ ۽ مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان بهتر آهي.

2 ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.

3 ڏک، کل کان بهتر آهي، ڇالاءِ جو شڪل جي اُداسيءَ ڪري دل سڌري ٿي.

4 ڏاهي جي دل ماتم جي گهر ۾ آهي؛ پر بيعقلن جي دل چرچي واري گهر ۾ آهي.

5 ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي.

6 ڇالاءِ جو جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن سڙڻ جو ٽڙڪو، تيئن بي عقل جي کل آهي. اها بہ بيهودگي آهي.

7 يقين آهي تہ ظلم زبردستي ڏاهي ماڻهوءَ کي بي عقل ٿي ڪري؛ ۽ رشوت سمجهہ کي ناس ڪيو ڇڏي.

8 ڪنهن بہ شيءِ جي پڇاڙي ان جي شروعات کان بهتر آهي: ۽ تحمل وارو روح، مغروريءَ جي روح کان بهتر آهي.

9 پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.

10 تون ائين نہ چئُہ تہ ڪهڙي سبب کان اڳيان ڏينهن هنن کان بهتر هئا؟ ڇالاءِ جو تون انهي نسبت ۾ ڏاهپ سان جاچ نٿو ڪرين.

11 ڏاهپ اهڙي چڱي آهي جهڙو ڪو ورثو: هائو، اُها انهن جي لاءِ چڱي آهي جي سج ڏسن ٿا.

12 ڇالاءِ جو ڏاهپ هڪڙو بچاءُ آهي، جيئن ناڻو هڪڙو بچاءُ آهي: پر علم جي فضيلت اها آهي، تہ ڏاهپ انهي جي حياتي بچائي ٿي، جنهن وٽ اُها آهي.

13 خدا جي ڪم تي ويچار ڪر: ڇالاءِ جو جنهن کي هن ڏنگو ڪيو آهي تنهن کي ڪير سڌو ڪري سگهندو؟

14 سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي.

15 هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.

16 تون حد کان وڌيڪ سچو نہ ٿيءُ، نڪي حد کان وڌيڪ ڏاهو ٿيءُ: پاڻ کي ناس ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟

17 تون حد کان وڌيڪ شرير نہ ٿيءُ، نڪي بي عقل ٿيءُ: پنهنجي وقت کان اڳي مرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟

18 چڱو ائين آهي تہ تون انهي کي قابو ڪري جهلين؛ هائو. انهي کان پنهنجو هٿ بہ نہ ڪڍي وٺ: ڇالاءِ جو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو، سو انهن سڀني کان جند ڇڏائي نڪري اچي ٿو.

19 ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.

20 يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري.

21 جيڪي ڳالهيون ڪرڻ ۾ ٿيون اچن تن سڀني ڏانهن بہ ڌيان نہ ڏي؛ تہ متان پنهنجي نوڪر کي پاڻ تي لعنت ڪندو ٻڌين:

22 ڇالاءِ جو ڪيترائي ڀيرا تنهنجي دل بہ ڄاڻي ٿي تہ تون پاڻ ٻين تي بہ لعنت ڪئي آهي.

23 هي سڀ مون ڏاهپ سان آزمايو آهي: مون چيو تہ آءٌ ڏاهو ٿيندس؛ پر اها ڳالهہ منهنجي لاءِ مشڪل هئي.

24 جيڪا شيءِ تمام پري آهي، ۽ تمام اونهي آهي، سا ڪير لهي سگهندو؟

25 آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي:

26 ۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي.

27 ڏسو واعظ ٿو چوي، تہ هڪڙي شيءِ ٻيءَ تي رکي، سبب معلوم ڪرڻ سان مون ايترو معلوم ڪيو آهي:

28 ۽ انهي کي منهنجو روح اڃا پيو ڳولي، پر اهو اڃا نہ لڌو اٿم: هزار ۾ هڪڙو ماڻهو لڌو اٿم، پر انهن سڀني ۾ هڪڙي زال نہ لڌي اٿم.

29 ڏسو، مون فقط هي معلوم ڪيو آهي تہ خدا ماڻهوءَ کي سنئون بنايو، پر هنن گهڻيون ئي اجايون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan