واعظ 5 - Sindhi Bible1 جڏهن تون خدا جي گهر ۾ وڃين تڏهن پنهنجي قدم جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو بي عقلن جي قرباني ڏيڻ کان، ٻڌڻ جي لاءِ ويجهو وڃڻ بهتر آهي: هن ڪري جو انهن کي اها خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪو بڇڙو ڪم ٿا ڪن. 2 پنهنجي وات سان اُٻهرائي نہ ڪر، ۽ نہ پنهنجي دل کي خدا جي اڳيان تڪڙ ڪري ڪجهہ بہ چوڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو خدا آسمان ۾ آهي، ۽ تون زمين تي آهين؛ تنهن ڪري ٿورو ڳالهاءِ. 3 ڇالاءِ جو خواب ڪم جي گهڻائيءَ کان ٿو اچي؛ ۽ بي عقل جو آواز ڳالهين جي گهڻائيءَ کان. 4 جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي. 5 بهتر ائين آهي تہ اصل تون ڪا مڃتا نہ مڃين، جو مڃين ۽ پوري نہ ڪرين. 6 پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟ 7 ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ. 8 جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي. 9 تنهن کان سواءِ زمين جو فائدو سڀني لاءِ آهي، خود بادشاهہ جو ڪم بہ ٻنيءَ مان ٿو نڪري. 10 جيڪو چانديءَ کي پيار ٿو ڪري سو چانديءَ مان نہ ڍاپندو؛ نڪي جيڪو گهڻي انداز کي پيار ٿو ڪري سو زيادہ پيدائش مان ڍاپندو؛ اها بہ بيهودگي آهي. 11 جڏهن وکر وڌي ٿو تڏهن کائڻ وارا بہ وڌن ٿا: پوءِ انهي جي مالڪ کي سواءِ اکين سان ڏسڻ جي، ٻيو ڪهڙو فائدو آهي؟ 12 پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ننڊ مٺي آهي، پوءِ هو ٿورو کائي يا گهڻو: پر دولتمند جي پيٽ ڀريائي هن کي سمهڻ نہ ڏيندي. 13 هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو. 14 ۽ اها دولت ڪنهن خراب اتفاق سان ناس ٿي وڃي ٿي؛ ۽ جي انهي ماڻهو کي ڪو پٽ ڄمي ٿو تہ انهي جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نٿو رهي. 15 جيئن هو پنهنجي ماءُ جي پيٽان آيو آهي، تيئن هو اگهاڙو ئي اُگهاڙو، جهڙو آيو تهڙو موٽي ويندو، ۽ پنهنجي پورهئي مان ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندس جو پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃي. 16 ۽ اها بہ هڪڙي وڏي خرابي آهي تہ هر طرح جيئن هو آيو هو تيئن هو ويندو: ۽ انهي کي ڪهڙو فائدو حاصل آهي تہ هو واءُ جي لاءِ پورهيو ڪري؟ 17 پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو اونداهيءَ ۾ کائي ٿو، ۽ ڏاڍو بيزار آهي، ۽ بيماري ۽ ڪاوڙ ٿي رهيس. 18 ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي. 19 سڀڪو ماڻهو جنهن کي خدا مال ۽ دولت ڏني آهي، ۽ انهي مان کائڻ جو، ۽ پنهنجي حصي وٺڻ جو، ۽ پنهنجي پورهئي ۾ خوش رهڻ جو کيس اختيار ڏنو آهي؛ اها خدا جي بخشش آهي. 20 ڇالاءِ جو هو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻو ياد نہ ڪندو؛ هن ڪري جو خدا سندس دل جي خوشيءَ موافق ساڻس هلت ٿو ڪري. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society