واعظ 4 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو. 2 تنهن ڪري جيڪي اڳيئي مري ويا آهن، تن مئلن جي مون انهن جيئرن کان وڌيڪ تعريف ڪئي؛ 3 بلڪ انهن ٻنهي کان مون کي اهو پسند هو جو اڃا ڄائو ئي ڪونهي، ۽ جنهن اڃا اهو خراب ڪم ڏٺو ئي ڪونهي جو سج هيٺان ٿو ٿئي. 4 تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي. 5 بيوقوف پنهنجون ٻانهون ٻڌي ويهي ٿو، ۽ پنهنجو ماس کائي ٿو. 6 آرام واري هڪڙي مٺ، اُنهن ٻن مٺين کان بهتر آهي جا پورهئي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ سان آهي. 7 تنهن کان پوءِ مون موٽي اچي سج جي هيٺان بيهودگي ڏٺي. 8 هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي. 9 هڪڙي کان ٻہ چڱا آهن؛ ڇالاءِ جو انهن کي سندن پورهئي جو چڱو بدلو ٿو ملي. 10 ڇالاءِ جو جيڪڏهن هو کڻي ڪرن تہ هڪڙو پنهنجي ٻئي سنگتيءَ کي تہ کڻندو: پر افسوس انهي تي جو اڪيلو آهي ۽ ڪري ٿو، ۽ ٻيو ڪوبہ کڻڻ وارو ڪونہ اٿس. 11 وري جي ٻہ گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن: پر هڪڙو ڇڙو ڪيئن گرم رهي سگهندو؟ 12 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اڪيلي شخص تي غالب پوندو، تہ ٻہ ڄڻا وري بہ انهي کي سامهون ٿيندا؛ ۽ ٽيڻو وٽيل ڌاڳو جلد ڪين ڇڄندو. 13 غريب ۽ ڏاهو ڇوڪر انهي ٻڍي ۽ بيوقوف بادشاهہ کان بهتر آهي، جو وڌيڪ نصيحت وٺڻ نٿو ڄاڻي. 14 ڇالاءِ جو هو قيد مان اچي بادشاهہ ٿيو، هائو، بلڪ پنهنجي بادشاهت ۾ هو غريب ڄائو هو. 15 مون سڀني سج هيٺان هلندڙن ساهہ وارن کي ڏٺو، تہ اُهي هن ٻئي ڇوڪر سان هئا، جو هن جي جاءِ تي اُٿي بيٺو. 16 اهي سڀيئي ماڻهو، جن جي هو مٿان هو، تن جي پڄاڻي ڪانہ هئي: انهي هوندي بہ جيڪي پوءِ ايندا سي هن مان خوش نہ ٿيندا. يقين آهي تہ هيءَ بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society