Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

واعظ 3 - Sindhi Bible

1 سڀ ڪنهن شيءِ جي لاءِ موسم آهي، ۽ آسمان جي هيٺان سڀ ڪنهن ڪم جي لاءِ هڪڙو وقت مقرر آهي.

2 ڄمڻ جي لاءِ وقت، ۽ مرڻ جي لاءِ وقت؛ پوکڻ جي لاءِ وقت، ۽ پوکيل کي وري پٽڻ جي لاءِ وقت؛

3 مارڻ جي لاءِ وقت، ۽ ڇُٽائڻ جي لاءِ وقت؛ ڊاهڻ جي لاءِ وقت، ۽ اڏڻ جي لاءِ وقت؛

4 روئڻ جي لاءِ وقت، ۽ کلڻ جي لاءِ وقت، ماتم ڪرڻ جي لاءِ وقت، ۽ نچڻ ٽپڻ لاءِ وقت؛

5 پٿر اُڇلائڻ لاءِ وقت، ۽ پٿر گڏ ڪرڻ لاءِ وقت؛ ڀاڪر پائڻ لاءِ وقت، ۽ ڀاڪر کان پري رهڻ لاءِ وقت؛

6 ڳولڻ لاءِ وقت، ۽ وڃائڻ لاءِ وقت؛ سانڍي رکڻ لاءِ وقت، ۽ اُڇلائي ڇڏڻ لاءِ وقت؛

7 ڦاڙڻ لاءِ وقت، ۽ سبڻ لاءِ وقت؛ ماٺ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت؛

8 پيار ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڌڪارڻ لاءِ وقت؛ جنگ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ صلح ڪرڻ لاءِ وقت.

9 جيڪو پنهنجي پورهئي ۾ محنت ڪري ٿو تنهن کي ڪهڙو فائدو آهي؟

10 جيڪا تڪليف خدا انسان کي مشغوليءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏني آهي، سا مون ڏٺي آهي.

11 هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.

12 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيستائين انسان جيئرو آهي، تيستائين خوش رهڻ، ۽ چڱائي ڪرڻ کان سواءِ هنن جي لاءِ ٻي ڪابہ شيءِ بهتر ڪانهي.

13 ۽ هيءَ بہ تہ سڀڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي سڄي محنت جو فائدو حاصل ڪري، اها خدا جي ڏات آهي.

14 مون کي خبر آهي تہ جيڪي بہ خدا ڪري ٿو سو هميشہ پيو ٿيندو: انهي ۾ ڪجهہ بہ وڌائي نٿو سگهجي، نڪي ڪجهہ منجهانئس گهٽائي سگهجي ٿو: ۽ خدا ائين ڪيو آهي تہ ماڻهو سندس اڳيان ڊڄن.

15 جيڪي آهي سو اڳيئي ٿي ويو آهي؛ ۽ جيڪي ٿيڻو آهي سو بہ اڳيئي ٿي ويو آهي: ۽ خدا وري اُهو ڪرڻ ٿو گهري جو اڳيئي ٿي چڪو آهي.

16 ۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.

17 مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ خدا سچن ۽ شريرن جي عدالت ڪندو: ڇالاءِ جو اُتي سڀ ڪنهن مطلب لاءِ ۽ سڀ ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ هڪڙو وقت آهي.

18 ۽ مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ اهو انسانن جي لاءِ آهي، تہ خدا انهن کي آزمائي، ۽ اُهي ڏسن تہ هو پاڻ رڳو جانورن جهڙا آهن.

19 ڇالاءِ جو جيڪي انسانن تي ٿو اچي سو جانورن تي ٿو اچي؛ ساڳي ئي شيءِ انهن تي اچي ٿي: جيئن هڪڙو ٿو مري تيئن ٻيو ٿو مري: هائو، انهن ٻنهي کي هڪڙو ساهہ آهي؛ ۽ ڪو انسان حيوان کان مٿي ناهي. ڇالاءِ جو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.

20 سڀ هڪڙي هنڌ وڃن ٿا؛ سڀ مٽيءَ مان آهن، ۽ سڀ وري بہ مٽيءَ ۾ ويندا.

21 انسان جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ اُهو مٿي ٿو وڃي يا نہ، ۽ جانور جي روح جي ڪنهن کي خبر تہ هو هيٺ زمين ۾ ٿو وڃي يا نہ؟

22 تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan