واعظ 10 - Sindhi Bible1 مئل مکيون عطار جي سرهي تيل کي بہ اهڙو ڪيو ڇڏين جو انهي مان بدبوءِ پيئي اچي: انهي طرح ٿوري ئي بي عقلي ڏاهپ ۽ عزت کي بي قدر ڪيو ڇڏي. 2 ڏاهي ماڻهوءَ جي دل سندس سڄي هٿ ۾ آهي؛ پر بي عقل جي دل سندس کٻي هٿ ۾ آهي. 3 هائو، هيئن بہ آهي تہ جڏهن بي عقل رستو ڏيئي هلي ٿو تڏهن سمجهہ ڇڏيو وڃيس ۽ سڀ ڪنهن کي چوندو وتي تہ آءٌ بي عقل آهيان. 4 جيڪڏهن حاڪم جي طبيعت تنهنجي برخلاف ٿئي، تہ پنهنجي جاءِ ڇڏي نہ وڃ؛ ڇالاءِ جو تحمل وڏن ڏوهن کي جهڪو ڪيو ڇڏي. 5 هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، اُها ڄڻ تہ هڪڙي چڪ آهي جا حاڪم جي ڪيل آهي: 6 بي عقلي وڏي درجي ۾ رکي ٿي وڃي، ۽ دولتمند هيٺائين جاءِ تي ويهن ٿا. 7 مون نوڪر گهوڙن تي ڏٺا آهن، ۽ امير نوڪرن وانگر زمين تي هلندا ڏٺا اٿم. 8 جيڪو کڏ کڻي ٿو سو انهي ۾ پوي ٿو؛ ۽ جيڪو ڪنهن لوڙهي کي لتاڙي لنگهي ٿو تنهن کي نانگ کائيندو. 9 جيڪو پٿر ٽڪي ٿو تنهن کي انهن مان ايذاءُ بہ ٿو رسي؛ ۽ جيڪو ڪاٺ چيري ٿو، تنهن کي انهي مان خوف بہ آهي. 10 جيڪڏهن لوهہ مڏو آهي، ۽ ماڻهو انهي جي ڪَنيءَ کي لائي تکو نہ ڪندو، تہ ان کي وڌيڪ زور لائڻو پوندو: پر ڏاهپ هدايت ڪرڻ لاءِ فائدي واري آهي. 11 جيڪڏهن منڊ لڳڻ کان اڳي نانگ ڏنگيندو تہ پوءِ مانڊيءَ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو. 12 ڏاهي ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون وڻڻ جهڙيون آهن؛ پر بي عقل جا چپ خود کيس بہ ڳهي ويندا. 13 هن جي وات جي ڳالهين جي شروعات بي عقلي آهي: ۽ هن جي گفتگو جي پڇاڙي نقصان جهڙي چريائي آهي. 14 بي عقل گهڻو ڳالهائي بہ ٿو، انهي هوندي بہ ماڻهوءَ کي خبر ڪانهي تہ ڇا ٿيندو؛ ۽ جيڪي انهي کان پوءِ ٿيندو سو ڪير چئي سگهندو. 15 بي عقل جو پورهيو سڀ ڪنهن کي بيزار ڪيو ڇڏي، ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ آهي تہ ڪيئن شهر ۾ وڃجي. 16 اي ملڪ افسوس آهي تنهنجي حال تي، جڏهن تنهنجو بادشاهہ هڪڙو ٻار آهي، ۽ تنهنجا امير صبح جو کائين ٿا! 17 اي ملڪ، تون سڀاڳو آهين جڏهن تنهنجو بادشاهہ اميرن جو اولاد آهي، ۽ تنهنجا امير پوري وقت تي کائين ٿا، نہ نشي ٿيڻ لاءِ، پر سگهہ لاءِ! 18 سستيءَ جي ڪري ڇت ڪري پوي ٿي؛ هٿن جي ڍرائيءَ ڪري گهر سمي پوي ٿو. 19 مجلس کلڻ جي لاءِ ڪبي آهي، ۽ شراب جان کي خوش ڪري ٿو: ۽ ناڻو سڀني ڳالهين کي پورو ٿو پوي. 20 بادشاهہ تي لعنت نہ وجهہ، پنهنجي خيال ۾ بہ ائين نہ ڪر؛ ۽ پنهنجي سمهڻ جي ڪوٺيءَ ۾ دولتمند تي لعنت نہ وجهہ: ڇالاءِ جو ڪو پکي آواز کڻي ويندو، ۽ جنهن کي پر آهن سو اها ڳالهہ وڃي ٻڌائيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society