واعظ 1 - Sindhi Bible1 يروشلم جي بادشاهہ دائود جي پٽ واعظ جو ڪلام. 2 واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي. 3 ماڻهو سج هيٺان جيڪو پورهيو ٿو ڪري تنهن مان هن کي ڪهڙو فائدو آهي؟ 4 هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي. 5 سج بہ اُڀري ٿو، ۽ سج وري لهي ٿو، ۽ جنهن هنڌان اُهو اُڀري ٿو، انهي هنڌ ڏانهن وري تڪڙو ٿي هلي ٿو. 6 واءُ ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ وري اُتر ڏانهن ڦري ٿو؛ اُهو پنهنجي دوري ۾ هميشہ پيو ڦري، ۽ واءُ وري پنهنجن گشتن تي موٽي ٿو. 7 سڀ نديون سمنڊ ۾ پون ٿيون، انهي هوندي بہ سمنڊ ڀرجي نٿو؛ جيڏانهن نديون وڃن ٿيون اوڏانهن وري پيون وڃن. 8 سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي. 9 جيڪي ٿي گذريو آهي سو اُهو آهي جو ٿيندو؛ ۽ جيڪي ڪيو ويو آهي سو اُهو آهي جو ڪيو ويندو: ۽ سج هيٺان ڪابہ نئين شيءِ ڪانهي. 10 اهڙي ڪا شيءِ بہ آهي جنهن جي نسبت ۾ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو هيءَ نئين شيءِ آهي؟ جيڪي زمانا اسان کان اڳي گذري ويا آهن تن ۾ اُها اڳيئي موجود هئي. 11 اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي. 12 آءٌ واعظ يروشلم ۾ اسرائيل جو بادشاهہ هوس. 13 ۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن. 14 جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي. 15 جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو. 16 مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ چيم تہ ڏس تہ يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳي ٿي گذاريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ مون ڏاهپ حاصل ڪئي آهي: هائو، عقل ۽ علم جو منهنجي دل کي وڏو آزمودو آهي. 17 ۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي. 18 ڇالاءِ جو گهڻي سياڻپ ۾ گهڻو ڏک آهي: ۽ جيڪو علم وڌائي ٿو سو ڏک وڌائي ٿو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society