شريعت جو دور 9 - Sindhi Bible1 اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛ 2 اتي ماڻهو ڊگها ۽ زوراور آهن، ۽ عناقيم جو اولاد آهن، توکي انهن جي خبر آهي، ۽ انهن بابت ٻڌو اٿيئي تہ ڪير بني عناق جو مقابلو ڪري سگهندو؟ 3 تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي. 4 جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئج، تہ منهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري خداوند مون کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي: بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي. 5 تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري. 6 تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي راستبازيءَ جي ڪري توکي اهو چڱو ملڪ نٿو ڏئي؛ ڇالاءِ جو تون تہ ضدي اُمت آهين. 7 هيءَ ڳالهہ ياد رک، ۽ ڪڏهن نہ وسار، تہ ڪيئن نہ بيابان ۾ تو خداوند پنهنجي خدا کي ڪاوڙايو: جنهن ڏينهن کان تون مصر جي ملڪ مان نڪتو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين، تو خداوند جي برخلاف فساد پئي ڪيو آهي. 8 حورب ۾ بہ اوهان خداوند کي ڪاوڙايو، ۽ خداوند ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪري ها. 9 ۽ جڏهن پٿر جون تختيون، يعني جيڪو عهد خداوند اوهان سان ڪيو هو، تنهنجون تختيون وٺڻ لاءِ آءٌ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم. 10 ۽ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون جي خدا جي آڱر سان لکيل هيون؛ ۽ انهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون، جي خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان سان ڪيون. 11 ۽ چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون، يعني عهد جون تختيون ڏنيون، 12 ۽ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، جلد هتان هيٺ لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي آهي. 13 انهي کان سواءِ خداوند مون کي فرمايو، تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي. 14 تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ، تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان، ۽ انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيان: ۽ آءٌ تو منجهان هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس. 15 پوءِ آءٌ موٽي جبل تان هيٺ لٿس، ۽ جبل باهہ سان پئي ٻريو: ۽ عهد جون ٻئي تختيون منهنجن ٻنهي هٿن ۾ هيون. 16 ۽ مون ڏٺو، تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو؛ اوهان پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت جوڙي هئي: ۽ جنهن رستي جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو هو تنهن کان جلد ڦري ويا هئا. 17 ۽ مون اهي ٻئي تختيون پنهنجن ٻنهي هٿن مان کڻي اُڇلايون، ۽ اوهانجين اکين جي اڳيان اهي ڀڃي ڇڏيم. 18 ۽ آءٌ اڳئين وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي نڪي پاڻي پيتم؛ ڇالاءِ جو اوهان وڏو گناهہ ڪيو هو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو هو. 19 ۽ آءٌ خداوند جي ڪاوڙ ۽ ناراضپي کان ڊنس ٿي، ڇوتہ خداوند اوهان تي ڪاوڙيل هو، ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي. 20 ۽ خداوند هارون تي بہ ڏاڍو غصي هو، ۽ انهي کي برباد ڪرڻ تي هو: ۽ مون انهي وقت هارون جي لاءِ بہ دعا گهري. 21 ۽ مون اوهان جو گناهہ، يعني جيڪو گابو اوهان جوڙيو هو، تنهن کي کڻي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو، ۽ انهي کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم: ۽ انهي جي رک مون انهيءَ نهر ۾ کڻي اُڇلائي جا جبل مان ٿي نڪتي. 22 ۽ تبعيرہ ۽ مساہ ۾، ۽ قبروت هتاوہ ۾ بہ، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو. 23 ۽ جڏهن خداوند اوهان کي قادس برنيع کان روانو ڪيو، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ملڪ تي قبضو ڪريو جو مون اوهان کي ڏنو آهي: تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ اوهان هن تي ايمان نہ آندو، نڪي هن جو چوڻ ٻڌو. 24 جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو. 25 انهي ڪري آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو. 26 ۽ مون خدا کان هيءَ دعا گهري، تہ اي خداوند خدا، تون پنهنجيءَ اُمت کي، يعني پنهنجيءَ ميراث کي، برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ قدرت سان ڇڏايو آهي، ۽ جنهن کي تون پنهنجي زوراور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين. 27 پنهنجن ٻانهن ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي ياد ڪر؛ ۽ هن اُمت جي هوڏ، ۽ شرارت، ۽ گناهہ کي نہ ڏس: 28 ائين نہ ٿئي تہ جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ جنهن ملڪ جو خداوند انهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگهيو، ۽ خداوند کي انهن سان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي آيو تہ بيابان ۾ انهن کي قتل ڪري. 29 نيٺ بہ اهي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي ميراث آهن، جن کي تو پنهنجيءَ وڏي قدرت سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ڪڍي آندو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society