شريعت جو دور 7 - Sindhi Bible1 جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛ 2 ۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج: 3 تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج. 4 ڇالاءِ جو هو تنهنجي پٽ کي منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦيرائينديون، انهي لاءِ تہ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪري: جنهنڪري خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ جلد اوهان کي برباد ڪري ڇڏي. 5 پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو. 6 ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي. 7 خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا: 8 پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين. 9 تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري، 10 ۽ جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن، تن کي سندن ڏسندي بدلو ٿو ڏئي، ۽ برباد ٿو ڪري: جيڪو هن سان دشمني ٿو رکي، تنهن کي هن جي ڏسندي بدلي ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري. 11 تنهنڪري جيڪي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا آءٌ اڄ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندو رهج. 12 ۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو: 13 ۽ هو توکي پيار ڪندو، ۽ توکي برڪت ڏيندو، ۽ توکي وڌائيندو: ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجهہ تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ زمين جي پيدائش يعني تنهنجي اَن ۾، ۽ تنهنجي تيل ۾، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت وجهندو. 14 توکي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت ڏيندو: اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾، ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي. 15 ۽ خداوند سڀڪا بيماري اوهان مان ڪڍي ڇڏيندو؛ ۽ مصر جا خراب مرض جن جي توکي خبر آهي، تن مان ڪوبہ تو تي ڪين موڪليندو، پر اهي هو انهن سڀني تي موڪليندو، جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن. 16 ۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو. 17 جي تنهنجي دل ۾ اهو خيال اچي، تہ هي قومون مون کان گهڻيون آهن؛ آءٌ هنن کي ڪيئن هڪالي سگهندس؟ 18 تڏهن بہ تون انهن کان متان ڊڄين: پر جيڪي خداوند تنهنجي خدا فرعون سان، ۽ ساري مصر سان ڪيو، سو ياد رکج؛ 19 يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو. 20 انهي کان سواءِ خداوند تنهنجو خدا انهن ۾ چيلاٽا موڪليندو، ۽ جيڪي انهن مان بچي ويا هوندا، ۽ توکان لڪي ويا هوندا، تن کي تنهنجي اڳيان تباهہ ڪري ڇڏيندو. 21 تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي. 22 ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن. 23 پر خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪندو، ۽ انهن کي زبردست شڪست ڏيندو، جيسين ڪ اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. 24 ۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو. 25 اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي: 26 ۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society